ڌناسري1

ڌناسري1 (راڳڻي): هي آس ۽ ارداس جي راڳڻي آهي. گجري، پرڀاتي ۽ ڌناسري راڳڻيون هڪٻئي کي ويجھيون آهن. ڌناسريءَ جو وادي سر پنچم آهي. منٺار فقير راڄڙ جي مشهور ڪافي ’اسين تنهنجا اوڏ غريب‘ ڌناسريءَ مان ڳائيندا آهن.
ڌناسري ڪلاسيڪي سنگيت جي راڳڻي آهي، جتان سنڌي پرڪاش ڏي منتقل ٿي آئي آهي ۽ مقامي رنگ ۾ اچي ان جي صورت قدري بدلجي وئي آهي. ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ هيءَ راڳڻي ڪافي ٺاٺ مان اوڍو سمپورڻ آهي. آروهيءَ ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج اٿس. وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر پنچم اٿس. ڀيم پلاسي ۽ هن ۾ صرف وادي سُرن جو فرق آهي. ڀيم جو وادي سُر مڌم ۽ ڌناسريءَ جو پنچم آهي، نه ته ڀيم آهي. ترڪيب ۾ اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. هن کي ڀيم کان بچائڻ لاءِ وادي سُرن کي بلڪل نمايان ڪري به ڏيکاربو آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ڀيرو ٺاٺ جي راڳڻين کانپوءِ آهي. هيءَ راڳڻي ٻن طريقن سان ڳاتي وڃي ٿي. هڪ ڪافي ٺاٺ ۾ ۽ ٻيو ڀيروي ٺاٺ ۾. ڀيروي ٺاٺ ۾ سمپورن راڳڻي آهي. آروهي ۾ رکب ۽ ڌيوت ڪو نه ٿين. امروهي سمپورڻ اٿس. راڳڻيءَ کي مندر اسٿان جي نکاد کان شروع ڪبو آهي. ڪافي ٺاٺ ۾ هيءَ راڳڻي منجهند جو ڳائبي آهي.
هن راڳڻيءَ جي آروهي: نِا سا گا ما پا نا سَا، امروهي: سا نا ڌا پا ما گا را سا، وادي سُر: پنچم، سموادي سُر: کرج ۽ سمو: صبح آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو