ريفرنڊنم

ريفرنڊنم: ڪنهن معاملي يا مسئلي تي عوام کان راءِ وٺڻ لاءِ دستور، تجويز يا معاملي کي ’ريفرنڊم‘ چئجي ٿو. حڪومت ۾ ’پٽيشن ريفرنڊم‘ جو مطلب آهي ته ڪنهن قانون کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ عوام جي راءِ ڄاڻڻ لاءِ کانئن ووٽ ورتو وڃي.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ پهريون ريفرنڊم، جولاءِ 1947ع ۾ سرحد صوبي ۾ ٿيو. اتي ڪانگريس جي حڪومت هئي، خان عبدالغفار خان جي گهُر هئي ته هتان جي عوام کان پاڪستان يا هندستان ۾ شموليت سان گڏ ’آزاد پختونستان جي قيام‘ بابت به عام راءِ ورتي وڃي. سندس اها گهر نه مڃي وئي، جنهن تي ڪانگريس ريفرنڊم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. لارڊ مائونٽ بيٽن، ليفٽيننٽ جنرل لوڪ هارٽ کي گورنر مقرر ڪري ريفرنڊم ڪرايو. مسلم ليگ جي خان قيوم خان، پير صاحب مانڪي شريف، پير صاحب زڪوڙي شريف، ارباب سڪندر خان خليل ۽ ٻين عوامي راءِ کي پاڪستان جي حق ۾ ڪرائي، 7 جولاءِ 1947ع جي ريفرنڊم کي ڪامياب بنايو ۽ سرحد صوبو پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو. ٻيو ريفرنڊم صدر ضياء الحق 19 ڊسمبر 1984ع تي پنهنجي حق ۾ ڪرايو ۽ ٽيون ڀيرو صدر مشرف پنهنجي وڌيڪ عرصي لاءِ صدر رهڻ واسطي ريفرنڊم ڪرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو