دَيو

دَيو

دَيو

دَيو (Oreo chromis Mossamhicus): دَيو هڪ مڇيءَ جو خاص قسم آهي. دَيو آنا وات ۾ جهليندو آهي. هن جي شڪل گولائيءَ تي آهي. ڇلرن جي مٿان ڳاڙهسري رنگ جا ڪنڊا اٿس. هن جي ڊيگهه ڇهه ست انچ ٿيندي. ديو مڇي کائبي آهي. دَيي جا ٻه قسم ٿين ٿا، هڪ ڪارو ديو، جنهن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪاري مڇي چوندا آهن. ٻيو اڇو دَيو. دَيو کارين ڍنڍن ۽ سم نالين ۾ گهڻو وڌي ٿو. هي سنهي مڇي به کائيندو آهي. پنهنجا ننڍڙا ٻچا به کائيندو آهي. دَيو جو ٻج آڻي فارمن جي دَٻن ۾ وڌو ويو، هاڻي تمام وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿو. دَيو وزن ۾ پاءُ ڏيڍ ٿئي ٿو. دَيي مان ڪُڪڙ جي کاڌي لاءِ ڦيڊ به تيار ڪندا آهن. دادو جي ’چڪڻ ڍنڍ‘ ۾ دَيو ڪافي انداز ۾ ٿيندو آهي. چند سال اڳي چڪڻ ڳوٺ جا ماڻهو ڪاري ديي کي سُڪائي ٽرڪون ڀري، ڀاڻ جي ڪارخاني ڏهرڪيءَ ڏانهن موڪليندا هئا. هاڻي چڪڻ ڳوٺ جا ماڻهو لڏي ويا آهن، ان ڪري مڇي ڪانه مري يا اُن مان اوپراسو نه ٿو ٿئي، ان ڪري ٽرڪون نه ٿيون ڀرجن. اٻاوڙي ۽ گڊؤَ جي فارمن ۾ پهرين ديو ٻج جي صورت م وڌو ويو، هاڻي سنڌ جي ڪافي ڍنڍن ۾ وڌي ويو آهي.
دَيو اصل ۾ سامونڊي مڇي آهي، پر سنڌ ۾ ڪينجهر ۽ ٻين ڍنڍن ۾ به گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو. دَيي مڇيءَ کي ننڍڙا ڇلر ٿيندا آهن. لاڙ ۾ شوق سان کاڌي وڃي ٿي، هيءَ مڇي وزن ۽ سائيز ۾ ننڍي ٿئي ٿي. هن مڇيءَ ۾ سنها ڪنڊا ٿين ٿا. ڪي ماڻهو ان کي تري کائين ته ڪي وري باهه تي سيڪي مصالحن سان کائين.


لفظ دَيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو