ڍڱڻو

ڍڱڻو

ڍڱڻو

ڍڱڻو (Clupisoma Sp): هي هڪ قسم جي مڇي آهي، جيڪا ڇلي مڇيءَ وانگر ٿئي ٿي، پر ڇليءَ کان وڏي ٿيندي آهي. وڏو ڍڱڻو ڏيڍ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو، جنهن جو وزن ڏيڍ ڪلو ڄرڪي جهڙو ٿئي ٿو، پر ان جو مُنهن ڄرڪي کان سوڙهو هوندو آهي. ڍڱڻو ڇليءَ جهڙو ٿيندو آهي، پر ان جي پڇ ۾ ڦير ٿئي ٿو. ڍُنگڻي کي هيٺيان وڏي جهالر ٿئي ٿي ۽ ڇليءَ کي ننڍي ۽ ٿوري جهالر ٿئي. ڍڳڻي مڇي ننڍي هئڻ ڪري وڏين مڇيءَ جي خوراڪ ٿيو وڃي ٿي.


لفظ ڍڱڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو