رائزوم

رائزوم (Rhizome): ڪن خاص قسم جي ٻوٽن جي جهڳي دار، پکڙيل ۽ زمين ۾ ڦهليل پاڙن واري نظام کي رائزوم چئبو آهي، هي ٻوٽا پاڙن وسيلي پنهنجو نسل وڌائيندا آهن. هنن ٻوٽن ۾ پاڙن جي جوڙن وٽ نوان گونچ (Buds) ڦٽندا آهن، جتان وري نئين ڏانڊي ڦٽي نڪرندي آهي. هنن ٻوٽن جي اها خوبي آهي ته جيڪڏهن رائزوم يعني پاڙن وارو نظام ڪٽجي به وڃي ته به ٻوٽو سڙي يا مري نه ويندو آهي، پر اُن جا مختلف حصا الڳ الڳ ٻوٽن جي صورت ۾ ٻيهر ڦٽي پوندا آهن. ائين ئي ڪجهه جڙي ٻوٽيون به سخت يا مضبوط هونديون آهن، جن کي ختم يا نيست نابود ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، اهي ڪيتريون به وڍبيون آهن ته به ٻيهر ڦٽي اينديون آهن.
ادرڪ (سُنڍ) جيڪا اسان کاڌي ۾ استعمال ڪندا آهيون، سا پڻ هنن ٻوٽن جو هڪڙو قسم آهي، حقيقت ۾ ادرڪ هڪ ڳنڍ بدران پاڙ يا ’رائزوم‘ جو قسم آهي.


لفظ رائزومھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو