سُنڍ

سُنڍ

سُنڍ

سُنڍ: سُنڍ سُڪل ادرڪ کي چوندا آهن، ان جو انگريزي نالو Ginger ۽ سائنسي نالو Zingiber officinale آهي. سُنڍ جون ڳڙيون يا ڳنڍا (Underground Stem or Rhizomes) ڀاڄين ۾ ذائقي وڌائڻ لاءِ مصالحي طور استعمال ڪبا آهن. سنڍ جي استعمال سان هاضمي جي خرابي يعني بادي وغيره گھڻيءَ حد تائين ختم ٿيو وڃي. سُڪل سنڍ جو اثر گرم ٿئي ٿو، تنهنڪري هن کي سرديءَ جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ تيل ۽ جاڻ سان گڏي گرم ڪري استعمال ڪبو آهي. سُنڍ جو فصل هڪ پراڻو فصل آهي، جنهن جي صدين کان پوک ٿيندي آهي. هن فصل جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا وارا علائقا آهن، جتان پوءِ هي فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پکڙيو آهي. هن وقت هن فصل جي پوک دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي. سنڍ جي پوک سمنڊ جي سطح کان وٺي 5000 فوٽن جي بلنديءَ تائين ڪري سگھجي ٿي. هن فصل جي اوسر لاءِ ڇانو ۽ جھجھي آلاڻ جي ضرورت پوي ٿي. هن فصل جي پوک باغن ۾ بهتر ٿيندي آهي ۽ اتي فصل وڌيڪ ڪامياب ٿيندو آهي. سنڍ جي پوک سنڌ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪري سگھجي ٿي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته فصل جي مٿان ڇانو ڪئي وڃي ۽ گھڻو پاڻي ميسر هجي. سنڍ جي سٺي فصل مان 90 کان 125 مڻ آلي سنڍ يا ادرڪ حاصل ٿئي ٿي.


لفظ سُنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڀاڄيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سُنڍ
شملا مرچ
ڀاڄيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون