رجز

رجز: رجز جنگي نعرو آهي. سمن جي دؤر ۾ جڏهن سلطان محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي، ٺٽي جي ٻاهران بيمار گذاري ويو، ته کانئس پوءِ سلطان فيروز شاهه تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي. اهو وبا پکڙڻ سبب ڪڇ ڏانهن هليو ويو. دشمن کان جان آجي ٿيڻ تي سنڌي فوج هيٺيون جنگي نعرو يا رجز بلند ڪيو:
با برڪت پير پٺو،
هڪ مئو، هڪ ٽٺو.
جنگي رجز مان مراد اهڙو جنگي نعرو آهي، جيڪو جنگ دوران يا سوڀ کانپوءِ لڳايو ويندو آهي.


لفظ رجزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو