برڪت

بَرڪَتَ: برڪت جي معنيٰ گهڻائي، جهجهائي. نعمت جي گهڻائي، سڀاڳ آهي. دڪاندار تور ڪرڻ وقت پهرئين ڌڙي کي ”هڪ“ جي بدران ”برڪت“ يا ’برک‘ چوندا آهن. ”برڪت“، جنس ۾ واڌ اچڻ لاءِ دعائيه لفظ آهي، جيڪو ڳڻپ ۾ ڌڙوائي، دڪاندار يا ڪنهن جنس جي ڏيتي ليتي ڪرڻ وارو ڪم آڻيندو آهي. اهو لفظ هڪ هزار سالن کان به اڳ سنڌ ۾ استعمال ٿيندو هو، جيئن البيرونيءَ پنهنجي تصنيف ”ڪتاب الهند“ ۾ لکيو آهي ته سنڌ ۾ ڳاڻيٽي ڪرڻ وقت ”هڪ“ جي بدران چوندا آهن ”برڪت“ ۽ پوءِ ٻه، ٽي، چار وغيره .


لفظ برڪتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو