رب

رب: هي لفظ عربيءَ ۾ ٽن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو: (1) مالڪ ۽ آقا، (2) مربي، پالڻهار، (3) مدبر، فرمانروا، حاڪم. رب لفظ صرف ۽ صرف خدا تعاليٰ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ٻين لفظن سان ملي صاحب، مالڪ وغيره جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. جيئن رب البيت، رب الفرس وغيره. لفظ رب ۾ ڪثرت جو مفهوم موجود آهي. قرآن مجيد ۾ هي لفظ ۽ ان جا اشتقاق گهڻائي ڀيرا استعمال ٿيل آهن. لفظ رب جو جمع ارباب آهي. قرآن مجيد ۾ هي لفظ پهريون دفعو سورة فاتحه ۾ آيو آهي. ان کانسواءِ مفسرين جو چوڻ آهي ته لفظ رب قرآني دعائن ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي ۽ قرآن مجيد جون سڀ کان پر تاثير دعائون لفظ رب کان ئي شروع ٿين ٿيون. نظام روبوبيت معنوي طور ٻن وڏين حڪمتن تي مبني آهي: (1) تقدير ۽ (2) هدايت. تقدير جي معنيٰ آهي اندازو. الله تعاليٰ ڪائنات جي هر شيءِ جي زندگيءَ لاءِ هڪ اندازو مقرر ڪيو آهي. هدايت جي معنيٰ آهي راهه ڏيکارڻ. خدا تعاليٰ هر شيءِ ۾ وجدان جو فطري الهام، حواس ۽ ادراڪ جي قدرتي سگهه رکي آهي، جنهن مطابق هر شيءِ وجداني طور پنهنجي ڪمال مقدر طرف وڌي ٿي. هي دراصل ربوبيت الــٰهي جي وحي آهي، جيڪا هر مخلوق ۽ ايندڙ مخلوق لاءِ هڪ وسيع ڪفالت جي ضمانت موجود آهي. صوفياڻي ادب ۾ لفظ رب مستعمل آهي ۽ صوفياڻي تصورن مطابق لفظ رب صرف ’رحمت حق‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.


لفظ ربھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو