رواداري

رواداري: رواداريءَ کي انگريزيءَ ۾ Co-existence (بقاءِ باهمي) سڏجي ٿو. سنڌي سماج ۾ رواداريءَ واري خاصيت اهم رهي آهي، جنهن موجب تعصب ڪونه رکڻو آهي ۽ هڪٻئي سان ڀائرن جهڙو ورتاءُ ڪرڻو آهي. آرين جي قانون صدين تائين هندستان ۾ ماڻهن کي چئن ذاتين، برهمڻ، کشتري، وئش ۽ شودرن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. شودرن کي داس (غلام) يا اَڇوت به سڏيو ويندو هو، جن ۾ اڪثر غير مراعات يافته طبقن جا فرد شمار ڪيا ويندا هئا، جن کي ’اڻ آريا‘ به چيو ويو آهي، انهن کي گهٽ ذات چئي، انهن سان کاڌو پيتو ته ڪو نه ويندو هو، پر انهن جي هٿ لڳل شيءِ کي به پليت سمجهيو ويندو هو. ڪن جاين تي انهن جو اچڻ بند هوندو هو، ڪن کوهن مان هو پاڻي ڀري به نه سگهندا هئا ۽ ڪن گهٽين مان سندن لنگهڻ تي پابندي هوندي هئي، پر سنڌ ان مرض کان ٻڌ ڌرم جي اثر سبب گهڻو آزاد هئي.
عربن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هنن غير مسلمان سان ڪيترائي مسلمانن کان مختلف شرط لاڳو ڪيا ۽ مٿن ’جزيه‘ نالي خاص ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، پر هتان جي عام ماڻهن ۾ ڪو متڀيد يا فرق نه رکيو. سنڌ ۾ مختلف صوفي سلسلن جي آمد سبب اهڙو روادارايءَ جو دستور پيو، جو هندو، مسلمانن جي درگاهن ۽ مسلمان درويشن وٽ فيض ۽ دعا لاءِ ويندا هئا. ٻئي طرف حق جا طالبو مسلمان فقير ۽ درويش هندو توڙي جين ڌرم جي يوگين، سنياسين، آڌوتين ۽ نانگن ٻاوَن سان گڏجي سندن مندرن ۽ رهڻ جي جاين جون ياترائون ڪندا هئا. هندو درويشن جو ڪلام ٻُڌي دِل سان هنڊائيندا هئا ۽ ٻُڌ ڌرم جي ڀَڪشُوئَن وٽ وڃي کانئن سبق پرائيندا هئا. هتي جا ڪي مسلمان بادشاهه، وڏيرا، بزرگ ۽ عام ماڻهو هندن جي مذهبي جذبي جي احترام سبب وڏو گوشت نه وٺندا هئا ۽ انهن جي سامهون ڳئون جو ڪوس نه ڪندا هئا.
راجا ڏاهر جي دور کان پوءِ هندن، مسلمانن، آتش پرستن، ٻڌن ۽ جين ڌرم وارن کي پنهنجون عبادتگاهون قائم رکڻ جي عام اجازت هوندي هئي. بلڪه حڪومت طرفان انهن جي مدد به ڪئي ويندي هئي، ان کان پوءِ به ملڪ ۾ هندن جا مندر، مسلمانن جون مسجدون، پارسين جا آتشڪدا، جينين جون غفائون ۽ ٻڌن جا اسٽوپا عام هوندا هئا، جتي وڃڻ جي ڪنهن کي جهل ڪا نه هئي. ان کانپوءِ وارن دؤرن ۾ به بقاءِ باهميءَ جو رواج سنڌ ۾ ايتري قدر وسيع هو، جو مسلمان ۽ هندو هڪٻئي جي شادين غمين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان کان سواءِ هڪٻئي جي ميلن ۽ مذهبي تهوارن ۾ به شريڪ ٿيندا هئا. انهيءَ صوفي صفت قوم جي عام رواداريءَ کي ريٽڻ لاءِ اورنگزيبي اثر ۽ ڪٽرپڻي کان متاثر ڪجهه ماڻهن فتوائون ڪڍي ماحول کي ناسازگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سنڌ جي برک ڏاهن درويشن، شاعرن، شاهه عـنايت شـهـيد، شاهه لطيف، روحل فقير، سچل سرمست، بيدل فقير، دلپت ۽ سامي وغيره پنهنجي ڪلام ۽ تعليم ذريعي ان نفرت جي جذبي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ رواداريءَ جي اهميت اجاگر ڪئي.


لفظ رواداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو