رعشو

رعشو (ڏڪڻي: Chorea): هيءَ هٿن جي بي ضابطگيءَ سان پيدا ٿيندڙ ڏڪڻيءَ جي بيماري آهي، جنهن کي ’رعشو‘ چئبو آهي. هن بيماريءَ ۾ ڪڏهن ٿوري وقت لاءِ هٿن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿيندي آهي ۽ پاڻمرادو بند ٿي ويندي آهي، ته ڪڏهن لاڳيتو سڄي عمر هلندي آهي. هيءَ بيماري جڏهن گھڻو زور ڀريندي آهي ته ننڊ ۾ به ٿيندي آهي، ان کانسواءِ هٿن ۾ رعشي (ڏڪڻيءَ) سان گڏ سٽون، جھٻون (Jerkings) ۽ ڦڙڪڻ جو عمل (Twitching) به ٿيندا آهن ۽ بيماري هٿن کان وڌي جسم جي ٻين عضون تائين به پهچي ويندي آهي.
رعشي (ڏڪڻي) جا سبب (Aetiology): هٿن ۽ بدن جي سمورن قسمن جي ڏڪڻيءَ جو بنيادي سبب وڏي دماغ (Cerebrum) جي هيٺئين خاڪِي مادي واري تهه (Basal Gagilia) جي ڪم ۾ بگاڙ آهي. اهو تهه دماغ جي تري ۾ هوندو آهي، جنهن جا ڪيترا ڪم آهن. هن تهه جي ڪري بدن جي عضون جو هڪٻئي سان رابطو (co-ordination) رهندو آهي. جسم جي عضون جي چرپر (Movement) تي دماغ جو ضابطو رهندو آهي. انسان جي آواز، اشارن ۽ جسم جي خاص وس وارين مشڪن (Voluntary muscles) تي به هن دماغي تهه جو ڀرپور اثر آهي. جڏهن هن تهه جي فعل/ڪم ۾ بگاڙ ايندو آهي ته وس وارين مشڪن تي اثر بنهه گھٽ يا بلڪل نه ٿيندو آهي، نتيجي طور ماڻهوءَ جي جسم ۾ جھٽڪن، سٽن، جھٻن ۽ مروٽن جي بيماريءَ سان گڏ هٿن ۾ ڏڪڻي (رعشي) ۽ ڏڪڻيءَ جي ٻين قسمن جي بيماري ٿئي ٿي.
بيماريءَ جا قسم (Types of Chorea): هن بيماريءَ جا هيٺيان قسم ٿين ٿا:
1. Acute Chorea يا Sydenham`s Chorea: هن قسم جي رعشي/ڏڪڻيءَ جي بيماري عمر جي اوائلي ورهين ۾ ٿيندي آهي، جيڪا 5 سالن کان وٺي 15 سالن جي وچ ۾ ڪڏهن به ٿي سگھي ٿي، يا وري حامله عورت کي ٿيندي آهي. ان کانسواءِ هن قسم جي ڏڪڻيءَ جو سنڌن ۾ وائي باديءَ جي بخار (Rheumatic Fever) سان ويجھو تعلق آهي. هيءَ بيماري آهستي واڌ کائي زوردار ٿي پوندي آهي ۽ جسم جي تنتن جي حرڪتي نظام (Motor nerve system) کي ناڪاره بڻائي ڇڏيندي آهي، ان ڪري متاثر مريض سنئون سڌو هلي نه سگھندو آهي، پر هيڏانهن هوڏانهن موڙا کائي هلندو آهي. ان کانسواءِ مريض جا هٿ بي اختيار (Involuntary) هلندا آهن، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي هليا ويندا آهن. سندس ڳالهائڻ تي به اختيار نه رهندو آهي، مريض جي ذهن تي هلڪو نفسياتي اثر به ٿي سگھي ٿو. هن بيماريءَ بابت دنيا کي پهريون ڀيرو ’ٿامس سڊن هامس‘ (Thomas Syden Ham`s) نالي هڪ انگريز فزيشن آگاهي ڏني هئي، جنهن کي انگريزي علاج جو بقراط سڏيو ويندو آهي. ٿامس سڊن 1684ع کان 1689ع تائين هن بيماريءَ بابت ڄاڻ ڏني. ان ڪري هن قسم جي ڏڪڻيءَ (رعشي) جي بيماريءَ جو نالو سندس نالي سان ئي منسوب آهي. ان کانسواءِ ڏڪڻيءَ جي هن بيماريءَ کي ’ٻارن جي ڏڪڻي‘ (Juvenile chorea) به چئبو آهي.
2. Cordis chorea: هن قسم جي رعشي (ڏڪڻي) جي بيماري دل (Heart) جي حرڪت جي خرابيءَ سان لاڳاپيل آهي. هن ڏڪڻيءَ ۾ گهڻي واڌ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن دل جي عمل ۾ گھڻي خرابي ٿيندي آهي. هن قسم جي ڏڪڻيءَ ۾ واڌ هٿن کان وڌي سڄي جسم ۾ ٿيندي آهي.
3. Dubinis Chorea: هي رعشي جي بيماريءَ جو خطرناڪ قسم آهي، جنهن جو ڪارڻ دماغ جي مرڪزي تنتي نظام (Central nervous system) ۾ ڪنهن مهلڪ قسم جو زهريلو يا وچڙندڙ روڳ (Infection) هوندو آهي. هن ڏڪڻيءَ جي بيماريءَ بابت دنيا کي پهريون ڀيرو اٽليءَ جي فزيشن ’اينجلو ڊبيني‘ (Angelo Dubini) 1813ع کان 1902ع تائين مڪمل طور سمجهايو، جنهنڪري بيماريءَ جي هن قسم جو نالو سندس نالي سان ئي منسوب ڪيو ويو. ان کانسواءِ هن ڏڪڻي/رعشي جي بيماريءَ کي ’بجليائي ڏڪڻي‘ (Electric chorea) به چئبو آهي.
4. Gravidarum Chorea: هن قسم جي رعشي جي بيماري ڳورهاري عورت کي حمل جي ابتدائي مهينن ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو سبب ڳورهاري عورت جي سنڌن ۾ وائي باديءَ جي سور جي پراڻي تڪليف به هوندي آهي. هيءَ بيماري عورت کي هر حمل سان ٿيندي آهي.
5. Hemi Chorea يا Hemilateral Chorea : رعشي جي هن قسم جي بيماري مريضن کي جسم جي ڪنهن هڪ پاسي واري هٿ، يا جسم جي ڪنهن هڪ پاسي ٿيندي آهي. هن کي One sided Chorea به چئبو آهي.
6. Huntingtons Chorea: رعشيءَ جي هن قسم جي بيماري گھڻي ڀاڱي موروثي (hereditary) ٿئي ٿي، جيڪا زال مڙس جي جوڙي (Autosome) مان ڪنهن هڪ فرد يا ٻنهي جي گڏيل اثرن ڪري ٿئي ٿي ۽ اها اڳئين نسل تائين به هلي ٿي. هيءَ بيماري پاڻمرادو نسل در نسل هلندڙ (Autosomal dominant) بيماري آهي. هيءَ بنيادي نقص جي بيماري آهي، جيڪا دماغ جي مرڪزي تنتي سرشتي جي اڳين پيڙهيءَ جي هڪ فرد يا ڪنهن ازدواجي جوڙي کي ٿيندي آهي ۽ پوءِ ايندڙ نسل ۾ به منتقل ٿئي ٿي. هن قسم جي ڏڪڻي موجوده نسل ۾ ٽيهن سالن کان پنجاهه سالن جي عمر ۾ ڪنهن وقت به ٿي سگھي ٿي ۽ بيماريءَ جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پندرهن سالن جي وچ ۾ ڪنهن وقت به متاثر مريض مري ويندو آهي. مريض ۾ جڏهن هيءَ بيماري ظاهر ٿيندي آهي ته مريض جو ورتاءُ بدلجي ويندو آهي. جيڪو آهستي وڌي چريائپ/پاڳلپڻي ۾ بدلجي ويندو آهي. هن قسم جي بيماريءَ بابت دنيا کي پهريون ڀيرو آمريڪا جي ’جارج هنٽنگ ٽنز‘ (George Sumner Huntington) نالي هڪ فزيشن 1850ع کان 1916ع تائين روشناس ڪرايو. جنهنڪري هن بيماريءَ جو نالو سندس نالي سان ئي منسوب آهي. هن بيماريءَ جا ڪيترائي ٻيا نالا ۽ قسم پڻ آهن، جهڙوڪ:
7. Noctumia Chorea: هن رعشي جي بيماريءَ ۾ رات جو ننڊ ۾ به ڏڪڻي ٿيندي آهي.
8. Nutanic Chorea: هن بيماري ۾ رڳو مريض جو مٿو ڏڪندو آهي.
9. Paralytic agitans Chorea: هن بيماريءَ ۾ مريض جو رڳو هيٺيون ڌڙ، خاص ڪري ٽنگون هيٺ مٿي ٿيڻ جي انداز ۾ ڏڪنديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ مريض نچي (Dance) رهيو آهي. انڪري هن قسم جي بيماريءَ کي Dancing Chorea به چئبو آهي.
9. Parkinsonism Chorea: هن قسم جي بيماريءَ ۾ مريض جو سڄو جسم ڏڪندو آهي. جڏهن هن قسم جي ڏڪڻي مريض ۾ ظاهر ٿيندي آهي ته ابتدا ۾ ڪجھه ڏينهن ڪنهن به هڪ پاسي جي هڪ هٿ ۾ ڏڪڻي (Tremor) ٿيندي آهي، ان کانپوءِ ساڳئي پاسي جي ٽنگ ۾ ڏڪڻي ٿيندي آهي، جيڪا ڪجھه ڏينهن ۾ سڄي بدن ۾ پکڙجي ويندي آهي. جڏهن هيءَ بيماري مريض تي مڪمل ضابطو ڪندي آهي ته مريض وائڙن وانگر لڳندو آهي. آواز ڦري ويندو اٿس، ڪنهن وقت وڌيل، ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن گھٽيل يا ڦاٽل آواز نڪرندو اٿس. مريض جو هلڻ به جھڪو ٿي ويندو آهي ۽ پيرن کي گسائي هلندو آهي. هن قسم جي بيماريءَ بابت دنيا کي پهريون ڀيرو ’جيمس پارڪنسن‘ (James Parkinson) نالي هڪ انگريز فزيشن 1755ع کان 1824ع تائين روشناس ڪرايو. جنهنڪري هن بيماريءَ جو نالو سندس ئي نالي سان منسوب آهي.
10. Senile Chorea: رعشي جي هن قسم جي بيماري اڌ وهيءَ (middle age) ۾ هلڪي ڏڪڻيءَ سان ڪنهن هڪ عضوي يا سڄي بدن ۾ شروع ٿيندي آهي. جيڪا پيريءَ (senile age) تائين وڌي مڪمل ظاهر ٿيندي آهي. پر هن قسم جي رعشي (ڏڪڻي) ۾ پيريءَ جي باوجود مريض کي ڪا دماغي بيماري (mental disease) نه ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو