زائچو

زائچو

زائچو

زائچو (Horoscope): زائچو اصل ۾ ڪنهن انسان جي جنم ڪنڊلي آهي. ڪنهن مخصوص موقعي خاص ڪري پيدائش وقت ڌرتيءَ جي گولي تي، ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ ذريعي سج، چنڊ ۽ ستارن جي بيهڪ جو خاڪو ڪڍڻ يا ٺاهڻ کي ’زائچو‘ چئبو آهي. زائچو تيار ڪرڻ جا بنيادي اصول علم نجوم مان کنيا ويا آهن، جنهن موجب ڌرتيءَ جو گولو غير متحرڪ آهي ۽ فلڪ (آسمان) جا جزا مخصوص راهن ۾ ان جي چؤگرد گھمن ٿا. نجومين آسمان کي ٻارهن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ هر حصي تي هڪ الڳ اثر ظاهر ڪيو آهي ۽ اهي اثر وري برجن جا آهن. سج چنڊ ۽ ستارا انهن ٻارهن برجن مان گذرن ٿا، مخصوص علامتن ۽ انهن برجن جي تعين سان فلڪ جي جزن جي خصوصيتن ۽ گڏيل جاميٽريڪل تعلق جي بنياد تي ماڻهوءَ جي ايندڙ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پيش بيني يا پيشن گوئي ڪئي ويندي آهي.


لفظ زائچوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو