زهره

زهره

زهره

زهره (Venus) (گرهه): نظامِ شمسيءَ ۾ موجود گرهن مان هي گرهه سج کان پري يا ٻاهر ويندڙ ٻيو گرهه آهي، جنهن کي صبح ۽ شام جو چمڪندڙ ’تارو‘ چيو ويندو آهي. هي سج کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ گرهه آهي. هن جو ڦيرو سج ۽ زمين جي وچ ۾ ٿيندو آهي، تنهنڪري هي پنهنجون صورتون تبديل ڪندي نظر ايندو آهي. جڏهن هي زمين جي ويجهو ٿيندو ويندو آهي ته ڳاڙهي رنگ جي چنڊ جھڙي صورت جھڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سج ۽ زمين جي وچ وارو زاويو 47 ڊگري سينٽي گريڊ کان نه ٿو وڌي، انهيءَ ڪري سج لهڻ کان ڪلاڪ پهرين ۽ سج لهڻ کانپوءِ ٽن ڪلاڪن تائين نظر نه ايندو آهي. هي گرهه اڪثر سج جي چؤگرد ڦرندو رهي ٿو. هي پنهنجو هڪ ڦيرو 225 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو، سج کان 107 ملين ڪلوميٽر ۽ زمين کان 42 ملين ڪلوميٽر پري آهي. انهيءَ لحاظ کان هي زمين جو سڀ کان ويجھو گرهه آهي. آمريڪن ۽ سويت خلائي ماهرن جي تحقيق موجب هي گرهه سڄو بادلن سان ڍڪيل نظر ٿو اچي. هن تي گرمي پد 475 ڊگري سينٽي گريڊ، جڏهن ته هوا جو زور زمين جي هوائي زور کان 100 دفعا وڌيڪ آهي ۽ هوا ۾ گھڻي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گھٽ مقدار ۾ نائٽروجن شامل آهي.
هن جي مٿان هر وقت هوا جو هڪ طوفان هلندو رهي ٿو. هي پنهنجي محور ۾ هڪ ڦيرو 248 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو. ان سست رفتار جي باوجود هن جي اونداهي ۽ روشن حصي تي گرمي پد ساڳيو ئي رهي ٿو. زهره جو مقناطيسي يا چقمقي زور، زمين جي مقناطيسي يا چقمقي زور جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. هن گرهه جي چوگرد ڪو به چنڊ موجود نه آهي. ماهرن جي خيال موجب هن گرهه، نظامِ شمسي ۾ گرهن جي ٽڪراءَ سان جنم ورتو هو ۽ تقريباً 10 ملين سالن کانپوءِ هن هڪ مڪمل گرهه جي شڪل اختيار ڪئي ۽ هاڻي پنهنجو سفر مڪمل ڪري رهيو آهي. هن گرهه تي هائڊروجن ڪلورائيڊ، ڪاربونل سلفائيڊ، هائڊروجن فلورائيڊ ۽ هيليئم عنصر موجود آهن.
زهري: هي بروهين جو سردار قبيلو آهي، هن قبيلي کي ’زرڪ زئي‘ به چون ٿا، هي اصل ۾ عرب آهن ۽ ڪي زهري جت به آهن. زهري بروهيءَ کي ڇهه پٽ هئا، موسيٰ مان موسياڻي، لوٺ مان لوٺياڻي، باجو مان باجوئي، نٿو مان نٿواڻي، ببر مان ببرزئي ۽ ڏاهو مان ڏايا (ڏاها) پاڙا ٺهيا آهن، ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ موجب تيرهن پٽ آهن، نومڙين جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ (زهري) آهي.


لفظ زهرهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو