سنياري

سنياري: هي آبي گاهه جو قسم آهي. سنياري گاهه اڪثر ڪري سڀني ڍنڍن ۾ ٿيندو آهي. مڇي هن گاهه کي کائيندي آهي. هي گاهه پاڻيءَ ۾ وڌندو ويجهندو آهي ۽ گهاٽو ڄمندو آهي. سنياريءَ کي ’سينؤري‘ به چوندا آهن. هن کي سانگهڙ ۽ ٿر جي ڍنڍن ۾’سينهوڙي‘ سڏيندا آهن. ڀاڳيا سنياري گاهه پاڻيءَ مان پٽي مال لاءِ کڻي ويندا آهن. مال به هيءُ گاهه شوق سان کائيندو آهي.


لفظ سنياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو