سارندو

سارندو

سارندو

سارندو: هي تار وارو ساز، عوامي سطح تي ڪافي مقبول آهي. جيئن ته اڳي سارنگي گهڻو ڪري ناچڻين سان وڄائي ويندي هئي، ان ڪري عام ماڻهن خاص ڪري مذهبي سوچ رکندڙن وٽ اهو پسنديده ساز نه هو. انڪري چون ٿا ته سکن جي پنجين گرو ارجن سنگهه سارندو، ڀڄنن، ٻاڻين ۽ ڪيرتن لاءِ وڄائڻ جي اجازت ڏني.
ڪن جو خيال آهي ته هي ساز سينيگال ۽ آسام جو آهي ۽ اتي به اهو ڀڄن ڀاوَ دوران وڄايو ويندو آهي. آسامي سارندي کي ’چيرنگدر‘ چون ٿا.
راجستان جا ڪي ريگستاني قبيلا به سارندو وڄائين ٿا. هي قديم ۽ عجيب ساز سڄو ڪاٺ جو ٺهيل آهي ۽ گز سان وڄائبو آهي. هن جو آوازي کوکو بيضوي نموني جو ٿئي ٿو ۽ ان جون تارون سارنگيءَ وانگر ڪاٺ جي گهوڙيءَ مٿان تنبي تي تاڻيون وڃن ٿيون، جن مان آڱرين ڦيرڻ سان سُر نڪرن ٿا. سارندي جي هڪ قسم ۾ ٽي تارون پون ٿيون.
هي ساز گوڏي تي رکي وڄائجي ٿو. ساز تي ڪا به زيبائش نه هوندي آهي. هن جي شڪل خاص قسم جي ڏانور Jumping Spider جهڙي ٿئي ٿي.


لفظ سارندوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو