پونگي

پونگي

پونگي

پونگي: هي ڦوڪ جو قديم عوامي ساز مرليءَ وانگر آهي. هي ساز کي گهڻو ڪري نانگن ڦاسائڻ وارا کڻندا آهن. هن کي اردو ۽ هنديءَ ۾ ”ٽـبـري“ چـون. پـوٺـوهـار ۽ پنـجـاب پـاسـي هـن کي ”ڊبري“ چون. ڊبري يا ٽبري دراصل سڪل ڪدوءَ کي چئبو آهي. هن لاءِ خاص قسم جو ڪدو تلاش ڪجي، جنهن جو وچ گولائيءَ سان ۽ ٻئي پاسا وڌيل ڊگها ۽ مخروطي هجن. هڪ پاسي سوراخ ڪن، جنهن مان ڦوڪ ڏجي ٿي. ٻئي پاسي مرليءَ وانگر پورا ڪانا ٻٽا ڪري لڳائجن. هنن ڪانن ۾ مُنهن وٽ اندر ’ڪک‘ يا پپني لڳل ٿئي ٿي. گول تنبي جو آواز گهڻو ڪري ٿلهو ٿئي ٿو. لوڪ داستانن سان به وڄائي وڃي ٿي. جيئن: بينون اڄڪلهه (نڙ جي بجاءِ) بيتن سان وڄائجن ٿيون. ڪن هنڌن تي هن کي بين به چون ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو