سارنگ2

سارنگ2

سارنگ2

سارنگ2 (ساز): هي ساز سارنگيءَ سان مشابهت رکي ٿو. پر ان کان ننڍو ۽ نازڪ آهي. هن کي ’ڪشميري سارنگي‘ به چون ٿا. هن ۾ لڳل سڀ تارون ڌاتوءَ جون ٿين ٿيون. هي ساز اکروٽ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. ڏيڍ فوٽ ڊگهي ڪاٺيءَ کي پورو ڪري هي ساز تيار ڪبو آهي. هن جي طبلِي، چهنبن وارن پاسن وٽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ ٻن هڪ جهڙن ٽڪنڊن جي صورت ۾ ٿئي ٿي. پهرئين ٽڪنڊي تي کل مڙهيل هوندي آهي. ٻيو ٽڪنڊو پڇاڙيءَ تائين بند ڪيل ڏنڊيءَ جو حصو هوندو آهي. هن ۾ وڄندڙ چار تارون ٿينديون آهن، جن جي هيٺان طربون هونديون آهن. هن ساز کي گزيءَ سان وڄائبو آهي.
هن ساز کي ’ڪشمير‘ به چون. روح الله خليگيءَ جو چوڻ آهي ته هي ساز ايراني ساز ’ڪمانچي‘ مان جڙيو آهي، جنهن ۾ ٽي تارون هونديون آهن، ٻيون تارون آس لاءِ لڳل هونديون آهن. ٽي تارون وڄت جون آهن، جن مان ٻه تارون ريشم جون ٿين. پهرين تار آستان جي کرج سان ۽ ٻي تار مڌم آستان جي کرج سان ملايل هوندي آهي. ان کانسواءِ هن ۾ ٻيون گهڻو ڪري ست تارون ساڄي پاسي ۽ ست تارون کاٻي پاسي ۾ فولاد جون ٿين ٿيون. ساڄي پاسي واريون تارون پنچم کان مڌم تائين ۽ کاٻي پاسي واريون ست تارون کرج کان نکاد تائين ملايل هونديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو