سرمست12

سرمست12

سرمست12

سرمست-12: سرمست 12 جو مرتب: محمد علي حداد آهي. هن ۾ گذريل ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو توسيعي ليڪچر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هن فاروقين جي ڪنهن هڪ فرد جي تيار ڪيل شجري جي بنياد تي سچل جي جنم جي تاريخ سان اختلاف رکندي، سچل جي عمر 90 بجاءِ 72 سال ڄاڻائي آهي. ان بعد 1991ع جي ڪانفرنس جا مقالا ڏنا ويا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) سچل جو سچ (حـمـيـد سـنڌي)، (2) سچل جي وسعت (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) سچل جو هير رانجهو (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سـنـڌي)، (4) سچل ۽ ڪانگ (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (5) سچل جي سر سارنگ جو جائزو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (6) ڪاش! سچل کي ڪو سورلي ۽ گربخشاڻي ملي (تاجل بيوس)، (7) سچل پنهنجي دور جي آئيني ۾ (تاج جويو)، (8) ڪلنگيءَ وارو ڪير؟ (فقير محـمـد لاشـاري)، (9) جتـي مـاڻهـن ميـڙ آءٌ تتـي ناهيان (انعام شيخ)، (10) عشق سـچـل دا (نصرت حسـين ابـڙو)، (11) سـچـل سـرمسـت جـي فارسـي شاعري (ملڪ نديم)، (12) سچل جو سيرت نگار (محمد علي حداد) ۽ (13) سچل جي حضور ۾ (خادم عباسي).
هي 109 صفحن جي ڊيمي سائيز جو پرچو 1992ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو