سرمست21

سرمست21

سرمست21

سرمست-21: ’سرمست‘ جي ايڪيهين (21) ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهي. هن شماري ۾ ڊپٽي ڪمشنر خواجه شفيق احمد، سچل يادگار ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ گذريل ادبي ڪانفرنس جون تصويرون ڏيڻ بعد هيٺيان مقالا شايع ڪيا ويا آهن:
(1) سچل سائين مجازي محبوب جي حضور ۾ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) اڄوڪي سائنسي دور ۾ سچل جي وحدت الوجود واري (نظرئي مان سماجي ڪارج ڳولڻ (تاجل بيوس)، (3) سچل سرمست تي ٿيل تحقيق ۽ هڪ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز جو جائزو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (4) سچل سرمسـت جـو ڪـاپـڙي (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (5) سچل جي ڪلام تي هندي شاعريءَ جا اثرات (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (6) سـچـل سـرمـسـت سـنـڌي اجـتمـاعـي آجـپـي جو شاعر (انعام شيخ)، (7) حـضـرت بـاهـو ۽ سـچـل سرمـست جون رندي رمزون (سرمد چانڊيو)، (8) سچل سـائيـنءَ جي دور جا علائقي تي سياسي سماجي اثر (مـنصـور ميـراڻـي)، (9) حضرت سچل سرمست جو شجرو ۽ اهم بيت ’هاءِ هاءِ! (مولانا عبداللطيف سڪندر)، (10) هڪ عظيم سچل شناس ماڻهو ڊاڪٽر تنـويـر عبـاسـي (محمـد پنـهـل ڏهـر)، (11) سچل جي مغربي شارح اينيمري شمل (سيد امام المتقين راشدي)، (12) سچل سائينءَ جو فـڪر (ميان غلام حسين نائچ)، (13) سچل سارو سچ (ذاڪر حسين کـٽـي) ۽ (14) سچل سائين (پروفيسر ڪاظم زيدي).
ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هي شمارو، سچل يادگار ڪميٽي خيرپور 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو