شارح

شارح (Interpreter): شارح لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ‘شرح لکندڙ، کولي بيان ڪندڙ، لکندڙ، معنيٰ ۽ وضاحت ڪندڙ’ وغيره. مثال طور: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ سميت ڪجهه ٻين عالمن کي شاهه لطيف جو شارح چيو ويندو آهي. ان ڏس ۾ گربخشاڻي روح رهاڻ ۽ مقدمه لطيفي ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’سر سارنگ جي شرح‘ لکي، رسول بخش ڏيري سُر يمن ڪلياڻ جي شرح لکي. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جي ڪلياڻ آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن شرح لکي آهي. ان ڪري کين ۽ اهڙي طرح ٻين شاعرن، فلسفين ۽ مذهبي متن جي تشريح ڪندڙن کي شارح سڏيو ويندو آهي.


لفظ شارحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو