سرمست6

سرمست6

سرمست6

سرمست-6: سرمست ڇهين ڪڙي به تنوير عباسيءَ جي ترتيب ڏنل آهي. ابتدا ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه ۽ عبدالوحيد بيرزادي (ڊپٽي ڪمشنر ۽ سچل يادگار ڪميٽيءَ جي چيئرمئن) جون تصويرون ۽ مرتب جو نوٽ شامل آهي. جنهن بعد شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ شمشير الحيدري، تاج بلوچ، هدايت بلوچ، ملڪ نديدم، جمال الدين جوڳي، مهيسر خادم رفيقي، اميد خيرپوري، مختيار گهمري، مقصود گل، مير صوبدار سعيد، اختر درگاهي، نظام الدين زائر ۽ آغا سعيد جي شاعري ڏني وئي آهي ۽ مقالن جي لسٽ هن ريت آهي: (1) ڪريم بخش خالد (سچل سائين ۽ مستشرقين)، (2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (خود شناسي- سچل جي نظر ۾)، (3) الطاف اثيم (درگاهه درازا جي مزارن جي ڪتبن جو جائزو)، (4) ملڪ نديم (سچل سرمست جا حاڪم طبقن سان تعلقات)، (5) خادم حسين عباسي (ڪو حق چوي ڪوئي ناحق چوي).
آخر ۾ ضميمي-3 طور محمد علي حداد جي ’سچل سرمست تي ببليوگرافي‘ (واڌارو سن 1985ع تائين) ڏنل آهي. 98 صفحن تي مشتمل هي ڪتابي سلسلو 1986ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو