سريو

سريو: سريو مٺي پاڻيءَ جي يعني درياهي مڇي آهي، هن مڇيءَ جو شمار ڇيلهري مڇيءَ ۾ ٿئي ٿو. هيءَ مڇي مُڪِ کان ننڍي ٿيندي آهي ۽ کاڌي ويندي آهي. هن مڇيءَ کي سنهڙا ڇلهر ٿيندا آهن. هيءَ مڇي سرهيي جنس سان نسبت رکي ٿي. هيءَ مڇي ننڍڙي ٻوري ڪندي آهي. هيءَ مڇي رڇ مان ٽپو ڏئي نڪري ويندي آهي. هيءَ مڇي تري کائبي آهي، ۽ هن ۾ ڪنڊا گهڻا ٿيندا آهن.


لفظ سريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو