سمرسيٽ ماهم

سمرسيٽ ماهم

سمرسيٽ ماهم

سمرسيٽ ماهم (Somerset Maugham): ليکڪ ۽ نقاد سمرسيٽ ماهم، 25 جنوري 1874ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو رابرٽ آرمنڊ ماهم هو، جيڪو فرينچ سفارتخاني ۾ ملازم هو. سمرسيٽ اڃا ڏهن سالن جو مس هو ته سندس ماءُ ۽ پيءُ گذاري ويا، جنهن کانپوءِ سندس ويڳي چاچي هينريءَ کيس پالي وڏو ڪيو. سمرسيٽ ماهم پنهنجي شروعاتي تعليم عبادتي آستانن واري شهر ڪنٽرابريءَ مان حاصل ڪئي. هن جرمنيءَ جي هيڊنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو ۽ ادب پڙهيو، بعد ۾ لنڊن مان ميڊيڪل جي تعليم ورتائين ۽ سرجن ٿي ويو. ميڊيڪل پرئڪٽس دوران مشاهدي ۽ مطالعي سان لکڻ شروع ڪيائين ۽ ’Liza of Lambeth‘ ۽ ’Human Bondage‘ ڪتاب لکيائين. هن جڏهن پهريون ناول ’Liza of Lambeth‘ لکيو ته سندس هاڪ ٿي وئي. پهرئين ئي ڪتاب تي پڙهندڙن پاران شاندار موٽ جي ڪري هو ڪُل وقتي ليکڪ بڻجي ويو، پر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران ماهم، ريڊڪراس ايمبولينس ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن ڪجھه عرصي لاءِ برطانوي جاسوس طور به ڪم ڪيو. اصل ۾ ويلنگر، سمرسيٽ ماهم جون تحريرون پڙهيون هيون ۽ هُو سندس ذهانت کان متاثر ٿيو هو ۽ کيس انٽيليجنس ۾ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبول ڪئي ۽ ڪجھه سالن تائين هو اها نوڪري ڪندو رهيو. ان عرصي دوران روس جي بالشويڪ انقلاب جي خلاف ڪم ڪيائين. سندس ناول ’اشين ڊين‘ سندس جاسوسيءَ واري زندگيءَ جي عڪاسي آهي. هي نوڪريءَ سانگي تفريح لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به ويو. هن انڊيا ۾ شري رمنا مهارشيءَ سان ملاقاتون ڪيون. ڏاکڻي سمونڊ جي ٻيٽ ’ٽهٽي‘ تي به ويو ۽ اتي پنهنجو مشهور ناول ’The Moon and Sixpence‘ لکڻ شروع ڪيائين، پر اتي رهڻ دوران کيس ٽي. بي ٿي پئي. سندس والده جي وفات به ٽي. بيءَ وگھي ٿي هئي، ان ڪري کيس به ڊپ ٿيو ۽ اتان ’اسڪاٽش ٽيوبرڪلوسز سينٽر‘ مان علاج ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي ٻيٽ تي ويو ۽ پنهنجو ناول مڪمل ڪيائين. سمرسيٽ ماهم آزاد طبيعت جو مالڪ هو، سندس چوڻ هو ته سندس ڊرامن، ڪهاڻين، توڙي ناولن جا گھڻا ڪردار ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس زندگيءَ سان لاڳاپيل رهيا آهن. هن ڊاڪٽر ٿامس برنارڊو جي ڌيءَ ۽ هينري ويلڪم جي زال سائري ويلڪم سان پنهنجي مڙس کان علحدگيءَ کانپوءِ شادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ ڪي سال هو گڏ رهيا، پر پوءِ علحدگي اختيار ڪيائون. ان کانپوءِ سمرسيٽ فرانس ۾ هڪ محل خريد ڪري، اتي رهڻ لڳو. اتي ادبي دعوتون ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪرت جاري رکيائين، پر اوچتو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، جرمن فوجن پولينڊ جون سرحدون پار ڪري اچي پيرس جا پاسا ورتا. هٽلر جي نازي فوج باهيون ٻاري ڏنيون، لاچار ٿي هڪ رات سمرسيٽ ماهم کي پنهنجو عاليشان گھر ڇڏڻو پيو، هو صرف هڪ بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي گھران نڪتو، جيئن تيئن ڪري وڃي انگلنڊ پهتو، جتان پوءِ آمريڪا ويو. اميراڻي زندگي گذاريندڙ سمرسيٽ انتهائي ڪربناڪ ڏينهن گذاريندي آمريڪا پهتو. جنگ وارو وقت هو آمريڪا ۾ رهيو ۽ ٻيهر لکڻ پڙهڻ لڳو. زندگيءَ جي هن اوکي سفر کي سمرسيٽ پنهنجي مشهور ڪتاب ’The Razir’s Edge‘ ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو هن آمريڪا ۾ لکيو. نقادن جو خيال آهي ته سندس تحرير جو انداز ۽ ٻولي سندس شهرت جو سبب آهن. هو ڪامياب ڊرامه نگار، بهترين ڪهاڻيڪار ۽ اعلى درجي جي ناول نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. سمرسيٽ جي لکڻ جو انداز تمام گھڻو وڻندڙ، پرلطف، عالماڻو ۽ ناصحاڻو آهي. هن اديبن جي سهائتا لاءِ ’سمرسيٽ ماهم اوارڊ‘ به شروع ڪيو. سمرسيٽ ماهم کي ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾ ٽالوس يونيورسٽيءَ پاران کيس ڊاڪٽوريٽ جي اعزازي ڊگري، ڪيئمس ڪمپئين آنر جي فيلو شپ شامل آهن. هن 16 ڊسمبر 1965ع تي وفات ڪئي. سندس مڙهه انگلنڊ جي مشهور شهر ڪنٽرابري ۾ دفنايو ويو. سمرسيٽ ماهم جي ڪن مشهور ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) A Fragment of Autobiography,
(2) The Magician (1908),
(3) The Hero (1901),
(4) The Explorer (1907),
(5) The Summing up (1938),
(6) The Razor’s Edge (1944)
(7) The art of Fiction: An introduction to ten and their authors (19550. سمرسيٽ ماهم جو سنڌي افسانوي ادب ۽ افسانه نگارن تي ڪافي اثر نظر اچي ٿو. رشيد ڀٽيءَ، پنهنجي مضمون ’سنڌي ناول نگاريءَ‘ ۾ سمرسيٽ ماهم جو ذڪر ڪيو آهي. نجم عباسي به کانئس ڪافي متاثر هو.


لفظ سمرسيٽ ماهمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1874.01.25  عيسوي

ليکڪ ۽ نقاد سمرسيٽ ماهم، 25 جنوري 1874ع تي ڄائو.


1965.12.16  عيسوي

سمرسيٽ ماهم 16 ڊسمبر 1965ع تي وفات ڪئي. سندس مڙهه انگلنڊ جي مشهور شهر ڪنٽرابري ۾ دفنايو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انعام شيخ
ناز سنائي
ستيش روهڙا
سدورو مل ايم راجپوت
حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
آنند کيماڻي
اشفاق لغاري
انيس گل عباسي
عبدالستار بلوچ
نسيم ٿيٻو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون