ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ

ٻيٽ Island: زمين جو ننڍڙو يا وڏو ٽُڪرو جنهن جي چئني پاسن کان پاڻي هجي ان کي ٻيٽ چئبو آهي. انگريزيءَ ۾ ٻيٽ کي (Island) ۽ اردو ۾ جزيرو چئبو آهي. زمين جو اهو ٽڪرو جنهن کي ٻيٽ چئجي ٿو سو ڪنهن ڍنڍ، درياهه يا سمنڊ ۾ ٿي سگهي ٿو، اُن کانسواءِ ڪجهه هٿرادو ٻيٽ پڻ ماڻهو ٺاهيندا آهن. سمنڊ جي سطح تي اُڀريل جابلو چوٽين کي شروع ۾ ٻيٽ چيو ويو. سمنڊ ۾ ڪيترائي جابلو سلسلا موجود آهن جن جون چوٽيون سامونڊي سطح کان اُڀريل رهنديون آهن. اهڙين جابلو چوٽين مان بحر الڪاهل (Pacific Ocean) ۾ مارشل ٻيٽ (Marshall Island) ۽ هاؤئين (Hawaiian Island) بحري پهاڙي (جابلو) سلسلن جو مثال آهن، جيڪي قطار در قطار سامونڊي سطح کان مٿي اُڀريل آهن. جاگرافيءَ ۾ ٻيٽ کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، يا کڻي ائين چئجي ته جاگرافيائي اندازي موجب ٻيٽ جون ٽي حالتون آهن.
کنڊ (Continent) پڻ هڪ ٻيٽ آهي، جاگرافيائي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ کنڊ ۽ ٻيٽ کي الڳ الڳ رکيو ويو آهي ۽ ٻنهي ۾ فرق ڪندي ٻُڌايو ويو آهي ته کنڊ، زمين جو اُهو وسيع حصو آهي جنهن جي چؤطرف سمنڊ هُجي، ائين دنيا جا ست ئي کنڊ چؤطرف پاڻي سان گهيريل آهن، لکين سال اڳ ۾ اهي کنڊ هڪ ٻئي جي تمام ويجهو هئا پر زميني پليٽن جي حرڪت ۽ گردش جيڪا بنهه معمولي هئڻ ڪري اهـي هـڪـٻـئـي کـان هٽي پري ٿي ويا. جاگرافيائي اصطلاح ۾ کنڊ کي (Continental Island) پڻ ڪوٺيو ويندو آهي.
آسٽريليا دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو کنڊ آهي جيڪو 76 لک چورس ڪلو ميٽرن ۾ پکڙيل آهي، جڏهن ته گرين لينڊ (Green Land) دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جي ايراضي 8 لک 40 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي. ايراضيءَ جي پکيڙ مان اهو پڻ ظاهر ٿيو ته (Continental Island) کنڊي ٻيٽ ۽ عام ٻيٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي.
اُن کانسواءِ سامونڊي ٻيٽن ۾ ڪي اهڙا ٻيٽ آهن، جن کي آتش فشان (ٻرندڙ جبلن) وارو ٻيٽ به چيو ويندو آهي، انگريزيءَ ۾ اهڙن ٻيٽن کي (Volcanic Island) چئبو آهي. سامونڊي ٻيٽ، ٻيٽن جو ٻيو قِسم آهن، جن ۾ هڪڙا ٻرندڙ جبل (Volcanic Island) ۽ ٻيا زميني ساخت وارا ٻيٽ (Tectonic Island) آهن.
سمنڊ جي گهرائي ۾ ڪيترائي اهڙا ٻرندڙ جبل (آتش فشان) آهن جيڪي پڻ زميني پليٽن جي گردش ۽ حرڪت تي مٿي اچي ويندا يعني سامونڊي سطح تي ظاهر ٿيندا آهن، اهڙن ٻرندڙ سامونڊي ٻيٽن جا مثال سينٽ پيٽر ٻيٽ (Saint Peter Island) ۽ پائول راڪ ٻيٽ (Paul Rock Island) آهي جيڪي ٻئي بحر اوقيانوس (Atlantic Ocean) ۾ ۽ ميڪيورائي ٻيٽ (Macquarie Island) بحر الڪاهل (Pacific Ocean) ۾ آهن. اُن کانسواءِ ٻيا ٻيٽ ميرينا ٻيٽ (Mariana Island) ايليوٽين ٻيٽ (Aleutian Island) ۽ ٽونگا جا ٻيٽ آهن جيڪي پڻ بحر الڪاهل (Pacific Occean) ۾ آهن، آتش فشان جي لاون جي ڪارڻ به ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ سامونڊي سطح تي نمودار ٿيندا آهن جيئن سُرتسي جو ٻيٽ (Surtsey Island) آهي جيڪو 1963ع ۾ بحر اوقيانوس (Atlantic Occean) ۾ ظاهر ٿيو.
جاگرافي ۾ ڪيترن گڏيل ٻيٽن تي هڪ ئي نالو رکيو ويو آهي، اهڙا سلسلي وارا يا ٽڪرا ٽڪرا ٻيٽن جا سمورا دنيا ۾ پکيڙيل آهن جن تي ڪٿي ڪٿي ڌار ڌار ته ڪٿي وري گڏيل هڪ ئي حڪومت رائج آهي. جيئن نيوزيلينڊ جا ٻيٽ، هي ٻئي وڏا ٻيٽ بحر الڪاهل (Pacific Occean) ۽ آسٽريليا کنڊ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هن، جن تي هڪ ئي حڪومت قائم آهي ان کان علاوه اهڙا ٻيا ٻيٽ، ڪِڪ ٻيٽ، نيو ٻيٽ، فرانسيسي پولينيشيا ٻيٽ، هوائي رُخ وارا ٻيٽ (Wind Ward Islands) مخالف هوائي رُخ وارا ٻيٽ (Lee Ward Island) ٽوبوئي ٻيٽ، مارڪيوساس ٻيٽ، پَٽ ڪائرن ٻيٽ، ويڪ ٻيٽ، سَکالين ٻيٽ، اسڪنڊريا ٻيٽ، فلپائن جا ٻيٽ، جاپان جا ٻيٽ، مڊوي ٻيٽ، شيٽ لينڊ ٻيٽ، ڏکڻ جارجيه ٻيٽ، لڪش ديپ ٻيٽ، فاڪ لينڊ ٻيٽ، موريشيئس ٻيٽ، ري يونين ٻيٽَ، مالديپ ٻيٽ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پڻ ٻيٽن جي سلسلن ۽ ٽڪرن وارا مُلڪ آهن، اهڙن سمورن ٻيٽن کي جيڪي حڪومتي نظام هيٺ اچن ٿا تن کي ملائيشيا ٻيٽ ۽ انڊونيشيا ٻيٽ ڪوٺيو وڃي ٿو. بحرين پڻ ٽيهن ننڍن ٻيٽن تي ٻڌل مملڪت آهي جنهن کي بحرين ٻيٽ چئبو آهي.
زميني سطح تي زميني ساخت وارا (Tropical Island) اٽڪل 45 هزار آهن. اهڙن ٻيٽن ۾ مالديپ، ٽونگا، نائرو، پولينشيا، مڊگاسڪر، بورينيو کي شمار ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور پڻ زميني ساخت وارا ٻيٽ آهن جيڪي شهري ٻيٽ (City Islands) پڻ ڪوٺيا وڃن ٿا. انگلينڊ پڻ دنيا جو هڪ وڏو ٻيٽ آهي اُن کانسواءِ سري لنڪا (سيلون) ماريشس، ريونين ۽ هوائي پڻ دنيا جا وڏا مُلڪ ٻيٽ آهن.
زمينن تي ڪيترائي ريگستاني يا وارياسا ٻيٽ به آهن جتي ڪنهن به قسم جي ڪا آبادي ڪونهي، اهڙن ٻيٽن کي اڃان تائين دريافت ته ڪيو ويو آهي پر ڪو به نالو وغيره نه ڏنو ويو آهي. جيئن ته دنيا ۾ ڪيترائي ٻيٽ قدرتي طور ٺهيا آهن جن جو هڪ وڏو ڪارڻ آتش فشان جبل ۽ لاوو آهي ته ٻئي طرف ڪجهه ٻيٽ زميني پليٽن جي حرڪت سبب وجود ۾ آيا آهن. ان کانسواءِ ڪجهه ٻيٽ مصنوعي طور انسان جوڙيا آهن، اهڙا ٻيٽ جيڪي مصنوعي طور انسان جوڙيا آهن تن ۾ اوساڪا وارو ٻيٽ (Island Of Osaka) بي آف جاپانيز (Bay of Japanese) هونشو ٻيٽ (Island of Honshu) جتي هڪڙو هوائي اڏو جوڙيو ويو آهي ۽ ڪجهه قدرتي ٻيٽن کي انساني ضرورت آهر پڻ تعميراتي طور وڌائي وڏو ڪيو ويو آهي جيئن ويسلمياسڪي ٻيٽ (Vasilievsky Island) جيڪو روس جي شهر پيٽرس برگ ۾ آهي.
سنڌ ۾ موجود ٻيٽن مان بابا ڀٽ، منهوڙو، شمس پير، بندل وغيره مشهور آهن. جڏهن ته ساڌ ٻيلو سنڌو درياهه جو هڪڙو قديمي ٻيٽ آهي جتي هندومت جو هڪڙو شاندار مندر آهي، اُن کانسواءِ سنڌو درياهه ۾ پڻ ڪيترائي ننڍڙا ٻيٽ آهن، ڪينجهر ڍنڍ ۾ نوريءَ جي مزار کي پڻ ٻيٽ چئي سگهجي ٿو جيڪو بنهه مختصر ٻيٽ آهي.
هندستان جو ياتري ٻيٽدوارڪا‘ پڻ هڪڙو قديم ٻيٽ آهي، جتي دوارڪا ناٿ جو پتلو رکيل هو ۽ ڪيترائي ياتري ديدار لاءِ دوارڪا ويندا هئا، دوارڪا جو ذڪر لطيف سائين پڻ پنهنجي هڪڙي بيت ۾ ڪيو آهي.


لفظ ٻيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو