سميجا

سَميجا (ذات): لاکو بن لاکيار سنڌ ۽ڪڇ جي سمن مان بادشاهه ٿيو هو، رائڌڻ بن ڪاڪا ان جي پيڙهيءَ مان هو، رائڌڻ کي نَوَ پٽ هئا، انهن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’سمو‘ هو، جنهنجي اولاد کي ’سميجا‘ چون ٿا. تاريخي حوالن ۾ ڄاڻايل آهي ته ’سميجاسماٽ آهن، تاريخ مظهر شاهه جهاني جو ليکڪ يوسف ميرڪ لکي ٿو ته ’سميجا‘ قوم جنگجو قوم هئي، جيڪا ان وقت هڪ وڏي ’سماٽ‘ قوم هئي، جنهن ۾ ٻيون به ڪافي ذاتيون شامل هيون. انهن مان هڪ انڙ به هئي، جنهن جون ذاتيون راهو، ڏاهري، ساند، ساريا ۽ ڪيريا، ڌاريجا، راهوجا، سميجا ڪل مان سڏبا هئا، هي سڀ ملاحن ۽ مهاڻن جي ڪل ۾ شمار ٿين ٿا.
تاريخ ۾ سميجا راڄ به سنڌ جي ڪافي حصن ۾ رهي ٿو. هڪ مصنف جي لکڻ موجب راڄپرن جي پاڙي مان هڪڙي پاڙي جو نالو ’سميجا‘ آهي، ساڳئي مصنف ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ مير بحرن ۽ مهاڻن جا 254 پاڙا لکيا آهن، جنهن ۾ سميجا به لکيل آهي، يعني هي ملاح ۽ مهاڻا آهن.


لفظ سميجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو