راهو2

راهو2: راهو لفظ جي معنيٰ راهه، واٽ يا آسماني گرهه آهي. سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا موجب هي سماٽ قبيلو سنڌ جي راجا موڙاسنگهه جي اولاد مان آهي. موڙاسنگهه کي ست پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو راهو هو. راهوءَ جي اولاد وارا ’راهو‘ ذات جا سڏيا ويا. راجا جي ٻين پٽن وانگر راهوءَ کي به جاگير مليل هئي، جيڪا ٿري رياست جي نالي سان سڏبي هئي. راهوءَ جي اولاد کي هنڱورجا به چون ٿا. سهتا، شورا، ڪوريجا، اڄڻ، مڱڻ ۽ ڌارو هن جا ڀائر هئا. هي نج ۽ خالص سما آهن. ايس. صادق عليءَ جي لکڻ موجب راهو، ڄام، هوٿي، ٿيٻا، انڙ جو اولاد آهن. نهڙين جي هڪ پاڙي جو نالو به راهو آهي. هي راهو سميجا ڪل مان آهن، جيڪي ضلعي نوابشاهه ۽ ٿر ۾ رهن ٿا. آبساڻي، رڪڻائي ۽ ڦوڳاڻي سندن خاص پاڙا آهن. ساهڙ پٽ لاکي پٽ جکري جو اولاد آهن. لاکي کي ٽي پٽ هئا: ساهڙ، راهو ۽ ڳاهو. ان نسبت سان هي راهواڻي به سڏجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو