سونڊا

سونڊا: سونڊا سنڌ جو قديم شهر آهي، جيڪو جهرڪ شهر جي اولهه طرف، ڪراچي ۽ ٺٽي جي شاهراهه تي موجود آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته، سونڊا ۾ هڪ درويش سوندره رهندو هو، جيڪو راڳ تي عاشق هوندو هو. انهي ڪري سندس نالي سان اهو شهر مشهور ٿيو. علي ڪوفيءَ جي ’چچ نامي‘ موجب راوڙ ۽ جيسر جو مقابلو جهم ۽ سونڊا وٽ ٿيو هو. ڪتاب ’رحمة العالميه‘ ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”سيوهڻ جي قديم قبرستان ۾ سونڊن ۽ لاشارين جون قبرون موجود آهن، جن مان هڪ ڪتبي تي مصري بلوچيءَ ۾ لکيل آهي ته، انهن سوڍا ۽ لاشارين جا راڄ خانگي ناسازيءَ جي ڪري لڏي درياهه پار ڪري ٻئي طرف رهن ٿا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، شايد سوڍا لفظ بدلجي ’سونڊا‘ ٿيو هجي.
سونڊا ۾ مغل بادشاهه شاهجهان جي ٺهرايل مسجد موجود آهي، اها مسجد ٺٽي جي شاهجهان مسجد جي نموني تي تيار ڪيل آهي. سونڊا جي قبرستان ۾ يوناني ٻولي، زيور، ڪٽلي، گهورگو، تسبيح وغيره جون نشانيون قبرن تي موجود آهن. سونڊا جو هي تاريخي قبرستان ان جي قدامت جو گواهه آهي. هن تاريخي شهر جي معاشي، جاگرافيائي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حالتن کي وقت جي ويرن لوڙهيو ٻوڙيو ۽ بدلايو آهي. سونڊا شهر جي ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن جون خدمتون به قابل تعريف آهن. مرحوم عبدالله گنڌرو، هتان جو مشهور اديب ۽ شاهه جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي.


لفظ سونڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو