شاهپور

شاهپور: تعلقي خانپور مهر، ضلعي گهوٽڪيءَ جو هي تاريخي شهر خانڳڙهه کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن شهر ۾ مغل دورِ حڪومت جي هڪ جامع مسجد آهي، جيڪا اڃا تائين اصلي حالت ۾ موجود آهي. جامع مسجد جي اوڀر ۾ لعل شاهه بادشاهه جي مزار آهي، هيءَ مزار 200 سالن کان به قديم ٻڌائي ٿي وڃي. لعل شاهه تي هر سال پهرينءَ کان ٽين نومبر تي ميلو لڳندو آهي. شاهپور ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس ٿاڻو قائم هو. هي ماضي توڙي حال ۾ اهم ڪاروباري شهر رهيو آهي. پڪي کوهي شاهپور روڊ تي موجود آهي. هتي هڪ ننڍي گنبذ واري مسجد آهي، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته هي مسجد شير شاهه سوريءَ جي دور جي آهي.


لفظ شاهپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو