شورا

شورا: سنڌ جي راجا ’موڙا سنگهه راٺوڙ‘ محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو، ان ڪري کيس سنڌ جي اوڀر واري حصي تي حاڪم مقرر ڪيو ويو، حيدرآباد هن حصي جو مرڪز هو. ان وقت هن کي ست پٽ: ڌارو، شورو، ڪونئرو، سهتو، راهو، مڱڻ ۽ اڄڻ هئا. شورا ان شوري جو اولاد آهن، راجا پنهنجي حياتيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ کان هيٺيون ڀاڱو جاگير طور شوري کي ڏنو. اڄ به ان ڀاڱي ۾ ’شوراذات وارن جا وڏا وڏا ڳوٺ آهن. مغل بادشاه شاهجهان جي زماني ۾ پڻ شورن جو ذڪر آهي. مير ابوالبقا ان وقت سيوهڻ جو عملدار هو، هن ٻيڙيءَ ذريعي سيوهڻ جا گدرا ٺٽي جي حاڪم ڏانهن روانا ڪيا هئا، جن کي دائود شوري جي ماڻهن خَاسائي شورا ڳوٺ وٽ ڦريو هو، اڄ به شورن جا اهي ڳوٺ موجود آهن. شورا هڪ سماٽ قوم آهي، جيڪي اصل ۾ سمن مان آهن.


لفظ شوراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو