ٺلھي

ٺلھي

ٺلھي

ٺلھي: هي آثار ڳوٺ محمد علي بڙدي لڳ ڳيريلي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. ڳيريلي کان الھندي طرف ارٿر شاخ سان. ٽن، چئن ڪلو ميٽر پنڌ کان پوءِ ٻئي نمبر پل وٽان پوڻا ٻه ڪلو ميٽر پنڌ تي ڳوٺ محمد علي بڙدي آھي. جنهن جي ڀرسان صفا دڳ تي هي ويھارو فوٽ کن اوچو دڙو آھي، جنھن تي ڪجهه قبرون ٺاھيون ويون آھن. ٺلھي ڏسڻ ۾ اوڏڪي اڏاوت جي آهي ۽ ڊٺل ھنڌن تان ڪچين سرن جي ٺھيل آھي.د ڙو چئن ويسن کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. ٺلھي بنهه اسٽوپا جو ڏيک ڏئي ٿي. ھن وقت ان جي اوچائي 10 فوٽ کن ٿيندي. ھي ٺلهي جنھن دڙي تي بيٺل آھي اھو دڙو به وٿن سان ڀريل آھي. ماڳ سڄو والار ھيٺ اچي ويو آھي. باقي ان جي عمر/ قدامت جي کوٽائيءَ بعد پئجي سگهي ٿي.


لفظ ٺلھيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو