ٽوٽم

ٽوٽم (Totem): هڪ قديم عقيدو، جنهن ۾ جانور، ٻوٽا يا ڪي بي جان عنصر، روحاني حوالي سان گڏيل ماڻهن جي هڪ ثقافتي گروهه جي نمائندگي ڪن. سولي سنڌيءَ ۾ هن کي ڪنهن قوم قبيلي يا گروهه جي ’نياتي نشاني‘ چئي سگهجي ٿو. هيءُ اصطلاح دراصل اتر آمريڪا جي ائلگونڪيان (Algonkian) قبيلي جي اوجبوا (Objibwa) ٻوليءَ مان اخذ ٿيل آهي. ٽوٽم سماجي تنظيم جي هڪ صورت آهي. جيڪا ڪجهه مذهبي اصولن تي مشتمل آهي. اهي اصول انسان ذات ۽ فطرت کي مختلف طبقن ۾ ورهائي، ان کي ڪنهن خاص شئي يا عنصر سان ڳنڍين ٿا، جنهن کي ٽوٽم (Totem) چئبو آهي. هنن قبيلن جا ماڻهو سندن مخصوص ٽوٽمي عنصرن جي گهڻي پوڄا ڪندا آهن ۽ انهن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام رکندا آهن. روايت آهي ته ڪنهن مخصوص ٽوٽمجانور‘ جو نشان رکندڙ قبيلي وارا ڪن خاص رسمن کانسواءِ نه ان جانور کي ماريندا آهن، نه ئي وري ان کي ڪو نقصان ڏيندا آهن. ڪنهن مخصوص قبيلي جي فرد هجڻ جو مدار، خانداني سلسلي تي هوندو آهي. اهو سلسلو ترتيب وار مائيتو، پيئيتو ۽ گڏيل سلسلو سڏبو آهي. قبيلي جي فردن جو هڪ ٻئي سان رت جو رشتو هوندو آهي. هن قبيلي وارن ۾ خاندان کان ٻاهر شادي ڪرڻ (Exopamous) جو رواج هوندو آهي. معاشري جي سماجي ڍانچي ۾ فردن جي ورهاست ٽوٽم جي بنياد تي ٿيئي ٿي. هر برادري هڪ جيترن سماجي حصن ۾ ورهايل هوندي آهي. اهڙي طرح ڳنڍيل رشتن جي ذريعي جڙندڙ وڏي گروهه کي ’نيات‘ چئبو آهي ۽ ان جي ڪا نه ڪا علامتي نشاني هوندي آهي، جنهن کي ’نياتي نشاني‘ (Totemic Sign) چئبو آهي, پوءِ اهو ڪو جانور به ٿي سگهي ٿو يا ڪو وڻ ٻوٽو به. مختلف وقتن تي جانورن ته ڪنهن وقت ٻوٽن وارن ٽوٽم رکندڙ مردن/عورتن جون مختلف طبقن ۾ شاديون ڪرائيندا رهندا آهن. هن انوکي ثقافتي ۽ مذهبي طريقي جي اصليت تي ڪو به حتمي رايو نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ طريقيڪار جدا آهن. مثلاً آمريڪا ۽ هندستان جا اصلوڪا قبيلا صرف هڪ گروهه جا ميمبر آهن، ان کانسواءِ آسٽريلوي (aborigines) ۽ ان جي آس پاس وارا گروهه رشتيداريءَ، شادين، رسم و رواجن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. اوائلي مفڪر ۽ عالمن جن ٽوٽزم جي هڪ جهڙائيءَ تي تحقيق ڪري لکيو آهي تن ۾ ڪجهه اهم هي آهن.
(1) جيمز فريزر (Totemism & Exosamay)
(2) سگمنڊ فرائيڊ (Totem & Taboo 1910)
جيمز فريزر ٽوٽمزم جي متعلق 3 نظريا پيش ڪيا.
(1) ٽوٽم ٻاهرين روحن جا ماخذ آهن، جيڪي ماڻهن ۾ وري موٽي اچن ٿا.
(2) ٽوٽم پنهنجون مذهبي ۽ معاشي ضرورتون جادوئي طريقن سان پوريون ڪن ٿا.
(3) ٽوٽم نشانين ذريعي انساني زندگيءَ جي اصليت جي باري ۾ معلوم ٿي سگهي ٿو.
پر عام طور تي ٽوٽيمزم جي معنيٰ هڪ انسان جي جانورن ۽ ٻوٽن سان نسبت آهي. ڊبليو. ايڇ. آر مطابق ٽوٽمزم ٽن عنصرن جو ٺهيل آهي:
(1) سماجي ڍانچو: جنهن ۾ هڪ قبيلي کي ٽوٽم رکندڙ گروهن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
(2) نفسياتي پهلو: هن ۾ قبيلي جي ميمبرن جو هڪ ٻئي سان رشتو هوندو آهي.
(3) عقيدا، رسم رواج: هن ۾ انهن جا هر قسم جا عقيدا، رسمون رواج ۽ جادوئي ٽوڻا ڦيڻا اچي وڃن ٿا. آمريڪا ۽ هندستان ۾ ٽوٽزم، منظم طريقي سان رائج آهي. اتر اولهه جي ساحلي علائقن ۾ ٽوٽمز جي اهم قبيلن ۾ ٽلنگ (Tlingit)، هائدا (Haida)، تَسيمشئن (Tsimshian) ۽ ڪواڪيتل (Kwakiutl) آباد آهن. هتي جي ٽوٽمي علائقن جي وڏي خصوصيت اها آهي ته هتي ٽوٽمي نشانن سان وڏا ٿنڀا موجود آهن. اهي ٽوٽمي نشان خاص قسم جي وڻن جي ٿڙن تي اُڪريل آهن. جيڪي آس پاس جي گهرن کان به اوچا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترن ئي جانورن ۽ انسانن جون شڪليون اُڪريل آهن، جيڪي هنن جي روحاني زندگيءَ جي نمائندگي ڪن ٿيون.
سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا خصوصاً موهن جي دڙي ۾ اڪثر ٿانون، ٻيڙين، مهرن ۽ ٻين وٿن تي مڇي، هڪ سڱو جانور، ڍڳو وغيره اُڪريل ملن ٿا، جن لاءِ ڪن عالمن جو خيال آهي ته اهي اتان جي ڪن خاص قبيلن جا نياتي نشان (Totemic Signs) به ٿي سگهن ٿا، ساڳيءَ طرح آڳاٽي وقت ۾ اڪثر قبيلا پنهنجو مال جهنگ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏيندا هئا يا ڪڏهن وري سندن مالڪن جي سڃاڻپ خاطر ڏنڀ ذريعي جسم تي ڪي نشان ٺاهي ڇڏيندا هئا، انهن ۾ پڻ جانورن، وڻن يا ڪن ٻين شين جون شڪليون شامل هونديون هيون. هن وقت به ٿر واري پاسي وهٽن جي جسمن تي موهن جي دڙي جي نشانين سان ملندڙ ڪي نشان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. علم الانسان جي ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي انهن جي مالڪن جا نياتي نشان (Totems) ٿي سگهن ٿا، جن جو رواج آڳاٽي سنڌو تهذيب کان هلندو پيو اچي.


لفظ ٽوٽمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو