ڍانچو

ڍانچو

ڍانچو

ڍانچو (Skeleton): هڏن/ هڏين جو پڃرو، جيڪو انسان توڙي جانور جي جسم جي اندرين عضون جي بچاءَ ۽ جسم جي مضبوطيءَ جو ضامن هوندو آهي. پٺن ۽ مُشڪن ذريعي عضون کي چُرپُر ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ اهم ترين عضون يعني دل، دماغ، ڦڦڙن وغيره کي پنهنجي پڃري ۾ محفوظ رکندو آهي. پٺيءَ جي ڪنڊي وارن سمورن جاندارن جا ڍانچا هڪ ساخت جا هوندا آهن. جهرڪي، چچي ۽ انسان کي کوپڙي ۽ پٺيءَ جي هڏي هوندي آهي، جيڪا هٿن، پيرن، پاسراٽين سان ڳنڍيل ٿيندي آهي. جن جانورن کي پٺيءَ جو ڪنڊو نه ٿيندو آهي، تن جو ڍانچو مٿئين پاسي هوندو آهي.


لفظ ڍانچوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو