پارليامينٽ

پارليامينٽ: اهڙي قانون ساز مجلس جنهن جي ميمبرن کي عوام آزاد راءِ شماريءَ ذريعي چونڊيو هجي، تنهن کي ”پارليامينٽ“ چئبو آهي. پارليامينٽ جي اهم فرضن ۾ قانون سازي ڪرڻ، بجيٽ تيار ڪرڻ، ٽئڪس عائد ڪرڻ ۽ ملڪي حالتن کي امن امان ۾ رکڻ شامل آهي. برطانوي پارليامينٽ کي ”دنيا جي پارليامينٽ نظام جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو، ڇوته دنيا جون سموريون پارليامينٽون برطانوي پارليامينٽ جي طرز تي ٺاهيون ويون آهن. پاڪستاني پارليامينٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي: هڪ قومي اسيمبلي، جنهن کي ’لوئر هائوس‘ به چيو ويندو آهي، ۽ ٻيو سينيٽ، جنهن کي ’اَپر هائوس‘ به چيو وڃي ٿو. ان ۾ هن وقت 87 ميمبر آهن. ان کان اڳ سينيٽ ۾ 63 ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو تعداد 200 هو. اهو اضافو جنرل اليڪشن آرڊر (چيف ايگزيڪيوٽوِ آرڊر نمبر: 7-2002) تحت ڪيو ويو. پارليامينٽري نظام حڪومت ۾ وقت جي حڪومت عام چونڊن ۾ کٽي آيل ميمبرن ذريعي عوام اڳيان جوابدار هوندي آهي. پارليامينٽري حڪومت ۾ راءِ جي آزادي ۽ مخالف ڌر جو هئڻ لازمي آهي.


لفظ پارليامينٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو