روانڊا

روانڊا

روانڊا

روانڊا (Rwanda): هڪ ملڪ جو نالو، جنهن جو سرڪاري نالو جمهوريه روانڊا آهي. هن جو پراڻو نالو روانڊا اورنڊي آهي. هيءُ وچ اوڀر آفريقا ۾ آهي. هن جي اتر ۾ يوگنڊا، اوڀر ۾ تنزانيا، ڏکڻ ۾ برونڊي، اولهه ۾ ڪانگو (زائري) ۽ ڍنڍ ڪيوو آهن. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جولاءِ 1962ع آهي. هن کي گڏيل قومن جي اداري يو. اين. او جي ميمبرشپ 18 سيپٽمبر 1962ع تي ملي. هتان جي ڪرنسيءَ جو نالو روانڊا فرانڪ آهي. روانڊا جي گاديءَ جو هنڌ ڪيگالي آهي. هتان جي پکيڙ 26338 چورس ڪلوميٽر (10169 چورس ميل) آهي، جڏهن ته آبادي 2011ع مطابق 11,370,425 آهي. هتان جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ڪيري سيمبي (بلندي 4507 ميٽر) آهي. هتان جي وڏن شهرن ۾ جوتاري، ڪيانگوگو، روهنگيري، نيايي سندو، ڪيوبيا، گيسنائي، بائيومبا، ڪيبونگو،گيٽا راجا ۽ گيڪو نگورو شامل آهن. هتان جي سرڪاري ٻولي ڪينيا روانڊا (فرانسيسي) آهي. مذهبي حوالي سان هتي رومن ڪيٿولڪ 65 سيڪڙو، مظاهر پرست 17 سيڪڙو، مسلمان 4 سيڪڙو ۽ پروٽيسٽنٽ 9 سيڪڙو رهن ٿا. هتان جي انتظامي ورهاست 10 پرفيڪچرس (ڊويزن) ۾ ٿيل آهي. هتي موسم هيٺانهين وارن علائقن ۾ گرم ۽ گھميل، جڏهن ته بلند جابلو علائقن ۾ ڪجهه خوشگوار هوندي آهي. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪافي چانهه، ٻج، مڪئي آهي. هتي 90 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل آهن. هتي صنعتون نه هجڻ برابر آهن. روانڊا جابلو ملڪ آهي. هن جي اوڀر کان اولهه طرف ڊيگهه 233 ڪلوميٽر آهي ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ويڪر 177 ڪلوميٽر آهي. روانڊا هڪ پارلياماني جمهوريه ملڪ آهي. صدر وٽ سڀ انتظامي اختيار هوندا آهن، جيڪو 5 سالن لاءِ اسيمبلي جي ووٽن سان چونڊيو ويندو آهي.
هن وقت روانڊا جو صدر پال ڪاگامي (Paul Kagame) آهي. حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم هوندو آهي، جنهن کي صدر پارليامينٽ جي منظوريءَ سان نامزد ڪندو آهي. هن وقت روانڊا جو وزيراعظم برنارڊ مڪوزا (Bernard Makuza) آهي. صدر وزيرن جي ڪائونسل علائقائي گورنرن، فوج جي اڳواڻن ۽ ججن جي چونڊ به پاڻ ڪندو آهي. قانونسازيءَ جو اختيار هڪ پارليامينٽ 70 ميمبرن تي ٻڌل قومي ترقياتي ڪائونسل سي. اين. ڊي کي حاصل آهي.


لفظ روانڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو