پخال

پَخال: وڏي مَشڪ، جيڪا ٻن مينهُن جي کَلُن مان ٺهندي آهي؛ ڍڳي جي پُٺن تي خرزين وانگر رکندا آهن. ڪنهن کوهه يا تلاءَ مان چمڙي جي ٻوڪي سان پخال ۾ پاڻي ڀري رسائيندا آهن. هڪڙي مشڪ کي ساندارو چوندا آهن. موجوده دؤر ۾ کوهن يا تلائن مان پاڻي ڀرڻ جو رواج ڪونهي، ان ڪري پخال جو رواج اڄڪلهه گهٽجي ويو آهي.


لفظ پخالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو