پـلال

پَـلال: پلال (سماٽ) سيالن جو هڪ مکيه پاڙو، جيڪي پاڻ کي ذات جا ”پلال“ سڏائين ٿا. اصل ۾ اهي سيال يا ”پلال“، جت ذات (قبيلي) جي ڪل مان آهن. سندن زبان سرائڪي ۽ جتڪي آهي. چانڊين ۾ پڻ پلال پاڙو آهي. ڪتاب ”پنجاب ڪي ذاتين“ ۾ لکيل آهي ته برلاس مغل امير خان کي ٻه پٽ هند خان ۽ پال خان هئا. هند خان جو اولاد هوندوال ۽ پال خان جو اولاد ”پال“ ۽ ”پلال“ سڏجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو