پُوئي

پُوئي

پوئي

پُوئي: پوئي ٻارهوئي سرسبز رهڻ واري ٻوٽي آهي، جيڪا ڀاڄي طور به کاڌي وڃي ٿي. هن ٻوٽيءَ کي انگريزيءَ ۾ ’Indian Spinach Malabarnight‘، سنسڪرت ۾ پوتڪي، گجراتيءَ ۾ پوٿڪي، بنگاليءَ ۾ پوئي شاڪ- روکٽو پوئي، هنديءَ ۾ لال بچلو ۽ لاطينيءَ ۾ ’Bassella Rubra‘ چيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جي آڪهه جو نالو Chenopodiaceae آهي. هن ٻوٽيءَ مان ڪافي ٽاريون نڪرن ٿيون. هن جا پن پنجن کان ساڍا ٻارهن سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ اڍائي کــان ســاڍا ســت سينٽي ميٽر ويڪرا ٿيندا آهن. پنن جون ڏانـڊيــون 1.2 کــان 2.5 سيـنـٽـي ميـٽر ٿينديون آهن. هن ٻوٽيءَ جو فروٽ مٽر جيترو اڇو، ڳاڙهو ۽ ڪارو ٿيندو آهي. برصغير ۾ هي ٻوٽي عام پوکي وڃي ٿي ۽ جھنگلي به ٿئي. سنڌ ۾ به عام جام ٿئي ٿي.


لفظ پوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو