پوربي2

پوربي2 (راڳڻي): هيءَ راڳڻي ڪام ورڌني يا پوربي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، ان جو گنڌار وادي سُر آهي. سري راڳ ۾ وادي سُر رکب آهي ۽ پوربيءَ ۾ گنڌار. گائڪ هن ۾ سر گنڌار سان گڏ امروهيءَ ۾ شڌ مڌم به لڳائيندا آهن. ڪي سنگيتڪار پوربي راڳڻيءَ ڀيرو ٺاٺ ۾ ڄاڻائين ٿا، پر هيءَ راڳڻي شام جي وقت ڳائي وڃي ٿي. ان لاءِ گائڪ ٻئي مڌمون هڻندا آهن. پوربي هڪ سادي سودي راڳڻي آهي، ڇاڪاڻ ته آروهي، امروهي وڪر ڪو نه آهن. ڪن گائڪن جو چوڻ آهي ته سري راڳ جي رکب ۽ ڌيوت کان پوربي جي رکب ۽ ڌيوت ۾ صرف هڪ سُر جو فرق آهي.
هن جي خاص تان: گي- را سا- ني را گي- را گي- مي مي- گي ما گي- را گي- را سا آهي. هن جي آروهي: سا را گي مي پا ڌا ني سَا ۽ امروهي: سا ني ڌا پا مي گي را سا آهي، هن جو وادي سُر: گنڌار آهي، ۽ ڳائڻ جو وقت شام آهي.
(راڳ ساگر ۾ وادي سر پنچم ۽ سموادي سر نکاد ڏسيل آهي، جڏهن ته امروهي سَاني ڌا پا مي گي ما گي را سا- ڏسيل آهي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو