پينگهه

پينگهه

پينگهه

پينگهه: پينگهه کي ”لوڏ“ به چوندا آهن. پينگهه ٺاهڻ جو طريقو هيءُ آهي ته ڪنهن وڻ جي مٿانهين ڏار ۾ ڏيڍ ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ٻه رسا ٻڌي هيٺ لڙڪائبا آهن. پوءِ زمين کان ٻه ٽي فوٽ مٿي ٻنهي رسن جي ڇيڙن ۾ ڪاٺي يا تختو مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏبو آهي ته لوڏ تيار ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن لڏندڙ سيکڙاٽ هوندو آهي ته ان کي ٻيو ماڻهو لوڏا ڏيندو آهي، پر جي پاڻ سکيل آهي ته پاڻ ئي لوڏا کائي وٺندو آهي. پينگهه تي لڏڻ جي مند بهار کان وٺي برساتن جي مند تائين ٿيندي آهي. اڄڪلهه پلاسٽڪ جون پينگهون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي ٻار گهرن ۾ به ڪم آڻيندا آهن ۽ ڇت ۾ لوهه جا ڪنڊا لڳارائي لوڏ لوڏندا آهن. پينگھه لڏڻ: ’پينگهه لڏڻ‘ واري راند اڪثر ڪري ننڍا ٻار اونهاري ۾ منجهند جو ڪندا آهن. ٻار مضبوط رسو کڻي، جاءِ جي داسي يا ڀاوڻ ۾ ٻڌي، ان مان لوڏ ٺاهيندا آهن، جنهن کي پينگهه چئبو آهي. ٻار پينگهه ان ۾ واري تي لوڏا کائيندا آهن. ڪي ٻار گھر ۾ ڪو وڻ هوندو آهي ته ان ۾ رسي ٻڌي پينگهه ٺاهيندا آهن ۽ ڪي وري در جي سَر در ۾ رسو ٻڌي پينگهه ٺاهيندا آهن. ٻارن کي هن راند مان ڏاڍو لطف ايندو آهي.


لفظ پينگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو