پيوڙي

پيوڙي: پيوڙي هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جنهن جا پن ڏانڊيءَ وٽان ڪٽيل ۽ هيٺان پشمدار ٿين ٿا. هن ٻوٽي ۾ بهار جي مند ۾ گهري ڳاڙهي رنگ جا گل ٿين ٿا، جن جو نمونو شينهن جي ننهن وانگر ٿيندو آهي. ڦر ڦٽڻ تي پنجن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هر حصي ۾ پشم ۽ موريءَ جي ٻجن جهڙا داڻا ٿين ٿا. هن جا گل گلناري، ٻج ڪارا ۽ ڇوڏا اڇا پشمدار ٿين ٿا. هن جي پاڙ جي ڇوڏي ۾ لعابدار قسم جو رس ٿيندو آهي.


لفظ پيوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو