پيچوها

پيچوها: هڪ ذات جو نالو، تاريخي لحاظ سان پيچوهو، ڄام لاکي جو پٽ هو. ڄام لاکو پٽ سمي جو، سنڌ جي بهادر ڪردار ’ابڙي‘ جي نُک مان آهي، جنهن دودي سومري جون سامون جَهليون هيون. دودي سومري ۽ علاءُ الدين خلجيءَ جي وچ ۾ جنگ کان پوءِ سنڌ جون ڪافي ذاتيون عتاب جو شڪار رهيون. ڪي اباڻا پٽ ڇڏي ٻئي هنڌ وڃي رهيا. پيچوهي جو ڏاڏو ڄام لاکو به پنهنجو وطن ڪڇ ڇڏي بلوچستان طرف هليو ويو، ۽ وڃي ڪيچ مڪران ۾ رهيو. هيءُ قبيلو به پيچوهي پٽ لاکي جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. پيچوهي کي ڇهه پٽ هئا: بهادر، منڊاڻي، دودو، وتو، ويرم ۽ ورياهه، جن جي پٺيان جيڪي پاڙا ٿيا، سي بلوچستان جي ڪڇي، نصيرآباد ۽ قلات ضلعن ۾ ۽ سنڌ ۾ لاڙڪاڻي، دادوءَ، جيڪب آباد، بدين ۽ ڪراچيءَ ضلعن ۾ آباد آهن.
مخدوم عبدالغفور ”مفتون“ همايوني به پيچوها ذات سان واسطو رکندو هو ۽ بلوچستان کان هجرت ڪري شڪارپور ضلعي جي ’همايون سڌائي‘ ڳوٺ ۾ آيو هو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ ۾ نمايان حصو ور تائين. کيس پٽ جو اولاد ڪو نه هو، انهيءَ ڪري سندس نياڻيءَ جو اولاد گادي نشين ٿيو. مـوجوده گادي نشين ميان عبدالباقي، پاڪستان جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر آهي. ان کان سواءِ هن قبيلي جي ٻين مشهور ماڻهن ۾ مولوي ٺارو زنگي پور وارو، مولوي فيض الله ۽ ڊاڪٽر روشن پيچوهو، جيڪو سنڌ جو وزير صحت پڻ رهي چڪو آهي، شامل آهن.


لفظ پيچوهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو