پپيتو

پپيتو

پپيتو

پپيتو/ پپيو (Papaya): هي هڪ قسم جو ميويدار وڻ آهي، جنهن جي ڦل يا ميوي کي به پپيتو چئبو آهي. پپيتي جو اصل وطن ڏکڻ آفريڪا آهي، پر ٽي صديون اڳ ان جي پوک، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پکڙجڻ لڳي. هن جو ٻوٽو وڻ وانگر ويهن فوٽن تائين وڌي سگهي ٿو. هن جو ڦل ڪدوءَ يا گدري وانگر بيضوي ٿئي ٿو. ڦر ڪچو هوندو ته ڀاڄيءَ طور ڪم ايندو آهي. پچڻ تي اندران توڙي ٻاهران پيلي رنگ جو ٿيندو آهي. ڪچي ڦل کي پال وجهي پچايو ويندو آهي. هيءُ ميوو خط استوائي علائقن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. ٻوٽي جي سراسري عمر پنج سال ٿئي ٿي. طبي لحاظ کان هاضمي لاءِ بهتر آهي. ان ۾ ”پيـڱڪــٽـن“ وڏي مقدار ۾ هــونـدي آهي. کــاڌي جــــي طـلــب وڌائيــنـدڙ ۽ تـوانــائي بخشيــندڙ ميـوو آهي. هـن ميـوي جـو شربت وڏي شوق سان ڪتب آندو ويندو آهي. سنڌ ۾ پپيتو، اڪثر ضلعي ملير، ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، بدين ۽ دادوءَ جي تعلقي ڪوٽڙيءَ جي هيٺانهن علائقن ۾ ٿيندو آهي. پپيتي جو ڦر سٺو، وڏو ۽ لذيذ ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڪاٺ گدرو“ به چيو ويندو آهي.


لفظ پپيتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو