پچانگو

پچانگو

پچانگو

پچانگو (Octopus): هي سامونڊي سـاهوارو آهي. جنهن کي انگـريـزي ۾ ’آڪٽـوپس‘ ۽ سنڌيءَ ۾ اَٺَ ڄنگهو سڏجي ٿو. هن کي سامونڊي ساهوارن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پچانگي جو جسم بلڪل نرم هوندو آهي، جڏهن ته اندروني طور تي ڪو ڍانچو به نه هوندو آهي، هن جسم ۾ چهنب جهڙو سخت حصو آهي، جيڪو طوطي جي چهنب سان هڪجهڙائي رکي ٿو، هن جي زندگي گهڻو ڪري ڇهن مهينن کان به گهٽ هوندي آهي، هن جون ٽي دليون هونديون آهن، هي ذهين ساهوارو سمجهيو وڃي ٿو، پچانگي/ آڪٽوپس جو اعصابي نظام حساس ۽ تيز سمجهيو ويندو آهي. گهڻن ملڪن ۾ هن کي مستقبل جي ڄاڻ توڙي قسمت جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ 2010ع واري عالمي فوٽ بال مقابلي جي سيمي فائنل دوران مختلف ٽيمن پاران مئچ جي نتيجن جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي نشانن وارا بال آڪٽوپس آڏو رکيا ويا. هن جنهن به بال کي ڇُهيو ٿي، ان جي سوڀ ٿي. هيستائين جوفائنل ۾ پهچندڙ نيدرلينڊس ۽ اسپين جي ٽيمن ۾ فائنل دوران آڪٽوپس، اسپين جي ٽيم جي بال کي ڇُهيو هو ۽ اُن ئي ورلڊ ڪپ کٽيو.
پچانگو/ آڪٽوپس ٽن مختلف طريقن سان پنهنجو دفاع ڪري ٿو، ڪجهه آڪٽوپس پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪاري رنگ جي مس اڇليندا آهن، ڪن ۾ مخصوص گهرڙا هوندا آهن، جنهن سان انهن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو