ٿرڙو

ٿرڙو

ٿرڙو

ٿِرڙو (Thrip ):هڪ قسم جو جيت آهي، جيڪو فصل کي نقصان رسائي ٿو. ان جو اثر ننڍن ننڍن ٻوٽن تي تمام گهڻو ٿئي ٿو. پوکيءَ کان وٺي چونڊيءَ تائين رهندو آهي. هيءُ اڪثر وونئڻن جي فصل ۾ بيماريءَ جو سبب بنجي ٿو. هيءُ پنن جي هيٺينءَ سطح تي رهي، انهن کي کرڙي ٿو، جنهنڪري پنن جي هيٺان اڇي قسم جو تهه ڄمي وڃي ٿو ۽ پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. وونئڻن جي فصل کي نقصان رسائيندڙ جيت ٻن قسمن جا هوندا آهن: (1) رس چوسيندڙ جيت ۽ (2) گوگڙن وارا نقصانڪار جيت. ٿرڙو وونئڻن جي رس چوسيندڙ جيتن ۾ شامل ٿئي ٿو. تمام ننڍو هوندو آهي. اِن جو مٿو ۽ مڇون وڏيون ٿين ٿيون. هن جا پر (ونگس) جهالر نموني ٿيندا آهن. هن جيت جا ٻه قسم هوندا آهن: (1) ڪارو ٿرڙو ۽ (2) ڀورو ٿرڙو .


لفظ ٿرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو