چنار

چنار

چنار

چنار: چنار هڪ قسم جو وڻ آهي، جنهن جي گل کي به ’چنار‘ چئجي ٿو. هن جو لاطيني نالو Platanus Hispanica آهي. گهاٽي ڇانوَ وارو هيءُ وڻ ايشيا ۽ يونان ۾ ٿئي ٿو. هن جا پن انساني چنبي وانگر پنجن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن، جن جو رنگ گھرو سائو ۽ چمڪدار هوندو آهي. عبراني ٻوليءَ ۾ هن وڻ جو نالو ’ارمون‘ آهي. جنهن جي معنيٰ آهـي ’ڇـوڏا لاهـي کل مـٽائڻ وارو/اگھاڙو وڻ‘، ڇو ته هر سال هن وڻ جي کل لهندي آهي ۽ اندران اڇي رنگ جي صاف کل ظاهر ٿيندي آهي. پـاڪـسـتـان ۾ مــري، نـٿيـاگلـي ۽ ڪوهستان جا علائقا چنار جي وڻن سان ڀرپور آهن


لفظ چنارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو