چڪري

چڪري: چڪري لاٽونءَ جهڙي هڪ شيءِ ٿيندي آهي، جنهن کي لاٽونءَ وانگر ڏور ويڙهي ڦيرائبو آهي. چڪريءَ کي لاٽونءَ وانگر مٿان گول مٿو نه ٿيندو آهي، باقي هيٺيون حصو ساڳيو لاٽونءَ وانگر ٿيندو آهي، جنهن تي ڏور ويڙهڻ جا کپ نڪتل هوندا آهن، هن کي ’چڪر‘ به سڏين ٿا. هن جي هيٺيان وچ تي ٻُنڍي ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنهو ڪوڪو لڳل هوندو آهي، انهيءَ ٻُنڍيءَ جي چوڌاري ڏور ويڙهي، چڪريءَ کي لاٽونءَ وانگر ڦيرائبو آهي. چڪري ڪاٺ جي ٿيندي آهي، جنهن جي مٿان لوهه جا پَٽَ يا پالش جون ڊبليون به چاڙهيون وينديون آهن ته جيئن گهڻي وقت تائين ڦري سگهي.


لفظ چڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو