ڊگامبر

ڊگامبر (فرقو): جين ڌرم جا ٻه وڏا فرقا، سويتامبر ۽ ڊگامبر آهن. ڊگامبر سنسڪرت ٻوليءَ مان اخذ ڪيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’اُگهاڙپ‘ آهي. هن فرقي سان لاڳاپيل ماڻهو دنياوي سهوليتن جهڙوڪ: ڪپڙا پائڻ، ٽي وقت ماني کائڻ، هار سينگار ڪرڻ، گهر جوڙڻ وغيره کي معيوب سمجهندا آهن. جين ڌرم جي هن فرقي ۾ جبر ۽ ڏاڍ جي سخت ممانعت ٿيل آهي.
’ڊگامبرا‘ جي ماخذن موجب جين ڌرم جي هن فرقي جو بنياد چوٿين صدي ق. م۾ گنگا ندي يا اجين (Ujjain) رستي هندستان جي ڏاکڻين طرف (ڪرناٽڪ رياست ڏانهن) هجرت ڪرڻ جي ڪري پيو. هن لڏپلاڻ جو مکيه ڪارڻ چندر گپت موريا جي راڄ ۾ پيل سخت ڏڪار هو.
سندن هڪ اڳواڻ ’ڀدراب‘ (Bhadrabahu) هو. مهاوير جي اصولن جو پرچار ڪندي سنياسين کي لباس نه اوڍڻ، غذا گهٽ کائڻ ۽ دنياوي آسائشن کان پري رهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو. ان جي ابتڙ اتر ۾ رهجي ويل سنياسين کي اڇي ڪپڙي اوڍڻ جي اجازت ڏني وئي. اهڙي ريت جين ڌرم جي هنن ٻنهي فرقن سويتامبر ۽ ڊگامبر ۾ ڪي معمولي تبديليون اينديون رهيون، جيڪي اڳتي هلي جين ڌرم جي ٻن وڏن فرقن ٿيڻ جو ڪارڻ بڻيون. ڊگامبر فرقي جا خاص نقطا ڪپڙا نه پائڻ ۽ کاڌو نه کائڻ آهي. سندن خيال موجب ته اصل راهب کي جيئڻ لاءِ لباس ۽ خوراڪ جي ضرورت ناهي هوندي. ان کان سواءِ هن فرقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته ڪا به عورت ان وقت تائين روحاني آزادي (مڪتي) حاصل نٿي ڪري سگهي، جيستائين هوءَ مرد جي روپ ۾ ٻيهر جنم وٺي، جين ڌرم جي اصولن مطابق زندگي نٿي گذري.
هن فرقي ۾ سال جا اٺ مهينا مقدس تسليم ڪيا ويندا آهن، انهن مهينن ۾ ڊگامبر فرقي جا پوئلڳ روزا رکندا آهن، جيڪي سال ۾ ٽي ڀيرا يعني هر چوٿين مهيني ۾ رکيا ويندا آهن. روزن رکڻ وارن مهينن کي مختلف نالن: آساڙ (آکاڙ)، ڪارتڪا (ڪَتِي) ۽ ڦالگن (ڦڳڻ) سان سڏيو ويندو آهي. ان کان سواءِ سندن ٻيا ڏهه ڏينهن به مقدس ٿين ٿا، جن کي ’دس لڪشڻي‘ چوندا آهن، جن ڏينهن ۾ پڻ سنياسين پاران روزا رکيا ويندا آهن.
هي فرقو وڌيڪ ٻن حصن: (1) تيرا پنٿي (Tera Panthi)، (2) بِس پنٿي (Bis Panthi) ۾ ورهايل آهي. معمولي فرق سان تيرا پنٿي، بتن کي ڪپڙا پارائي، سندن سامهون ميڻ بتيون ٻاري عبادت ڪندا آهن ۽ بتن آڏو گل ۽ ميوا رکڻ کي گناهه سمجهندا آهن، جڏهن ته بِس پنٿي، بتن کي ڪپڙا نه پارائيندا آهن ۽ اهي بيهي عبادت ڪندا آهن. ميڻ بتيون نه ٻاريندا آهن، پر بتن آڏو گل ۽ ميوي رکڻ کي ثواب سمجهندا آهن.
جينين جي اصلوڪن ڌرمي ڪتابن کي ’پورو‘ ۽ ’يانگ‘ چيو ويندو آهي. انهن پورون جو ڪل تعداد 14 آهي، جيڪي ناياب سمجهيا ويندا آهن. ان کان سواءِ 12 يانگ آهن.


لفظ ڊگامبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


جين مت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊگامبر
جين مت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون