سازگيري

سازگيري (راڳڻي): هيءَ راڳڻي ماروا ٺاٺ جي سمپورڻ آهي. قديم دور جي سنگيتن ۾ هن جو ڪو رواج نه ٿو ملي. هن راڳڻيءَ کي هڪ نئين سروپ جي راڳڻي چئي سگھجي ٿو، ڇو ته ماروا ٺاٺ ۾ پنچم جو سر ورج آهي، جيڪڏهن ماروا ۾ پنچم لڳائبو ته راڳ پوريا ڪلياڻ جنم وٺندو. ڀاتکنڊي ۽نواب ٺاڪر عليءَ جي لکيل ’هند جي سنگيت‘ ۾ هن راڳڻيءَ کي پوريا ۽ پوربيءَ جي ميلاپ سان ٺهڪندي ٺهندي ٻڌايو ويو آهي. جيڪڏهن هي پوريا انگ جي راڳڻي آهي ته پوءِ هن راڳ کي مندر اسٿان ۽ مڌ اسٿان جي انگ سان ڳائڻ گھرجي.
روايت موجب سازگيري مسلمانن جي ٺاهيل راڳڻي آهي ۽ هن راڳڻيءَ جو جنم مغليه دور آهي. هي راڳڻي، پوريا ۽ پوربي جي ميلاپ مان ٺهي آهي. هن جو وادي سُر گنڌار آهي ۽ هن راڳ ۾ ٻئي ڌيوت (ڌا) ۽ (ڌي) ۽ ٻئي مڌم (ما) ۽ (مي) استعمال ۾ اچن ٿيون. هن راڳڻيءَ جي آروهي: ني- را- گي- سا-ني-ڌي-ني- را-گي-ما-گي-مي-پا-ڌي-ني-سا، ۽ امروهي: سا-ني-ڌا-پا-ڌي-مي-گي-را-سا آهي.


لفظ سازگيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو