ڌوپ1

ڌوپ1

ڌوپ1

ڌوپ1 (Gum Olibanum\ Boswellia Sereta): هي گھاٽي ميرانجھڙي رنگ جا ٽڪرا ٿين ٿا، جيڪي حڪيم استعمال ڪندا آهن. سندن موجب نون ۽ پراڻن ڦٽن، ناسور، پراڻي پرميل ۽ مثاني جي ڦٽ جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڌوپ حمل ڪيرائي ٿو، پيشاب جاري ڪري ٿو، مرگھي جي علاج لاءِ گھوٽي شڪنجبين جي شربت سان پياريو ويندو آهي. ٻرهل کي ڪپي ٻاهر ڪڍي ٿو. ڏندن جي سور لاءِ هن وکر کي ڪٽي سنهون ڪري ڪم آڻي سگھجي ٿو. هيءُ اکين جي ڌنڌ، روشنائي، خارش، ڦٽ، ناسور ۽ اک مان وهندڙ پاڻيءَ کي فائدو ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو