ڊينڊ

ڊينڊ

ڊينڊ

ڊينڊ Cyprinus Carpio: هيءَ ننڍي ڇيليري مڇي آهي، جيڪا پوپريءَ جهڙي ٿئي ٿي، پر هن جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل هوندو آهي. هيءَ مڇي کائبي آهي. اڪثر ڪري ڊينڊ مڇي سارين جي پاڻيءَ ۾ ٿيندي آهي ۽ لاباري وقت هاري ماريندا آهن. ميل (ميهڙ- لاڙڪاڻي) واري پاسي ڊينڊ مڇي تري، چانورن جي مانيءَ سان کائڻ ۾ تمام گهڻي سوادي لڳندي آهي.


لفظ ڊينڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو